حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر سيد شاهه محمد شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 15 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ان لاءِ سموريون سياسي پارٽيون گڏجي متاثرين جي مدد ڪن. شاهه محمد شاهه چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سنڌ ۽ گلگت بلتستان سميت چئني صوبن جو دورو ڪري ٻوڏ متاثر علائقن جو جائزو ورتو آهي جڏهن ته هن سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي سهائتا لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير منڇر ڍنڍ کي ڪٽ هڻي سيوهڻ شهر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس ئي ڳوٺ واهڙ به ٻوڏ هيٺ اچي ويو آهي. مٽياري ضلعي ۾ سندس ڳوٺ ڀنڀٽ به پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. هن پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي جماعتن کي اپيل ڪئي ته سياست ڇڏي ٻوڏ متاثرن جي بنا ڪنهن فرق جي مدد ڪن. مسلم ليگ (ن) ٻوڏ سبب سياسي سرگرميون معطل ڪري سماجي ڪم شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن خدشو ظاهر ڪيو ته موجوده صورتحال ۾ دشمن ملڪ غلط فائدو وٺي ملڪ ۾ انتشار پکيڙي سگهي ٿو ان ڪري اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي سورٺ ٿيٻو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.