موت جي سزا ٻڌايل عيسائي جوڙو توهين رسالت ڪيس مان آجو قرار

0
267

لاهور: لاهور هائيڪورٽ توهين رسالت ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل عيسائي جوڙي کي الزامن کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گوجره شهر جي چوڪيدار شفقت ايمانوئيل ۽ سندس زال شگفته مسيح کي جولاءِ 2013ع ۾ دڪاندار ملڪ محمود ۽ ٻين مٿان توهين رسالت جا ميسيج موڪلڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو. اپريل 2014ع م ٽوبا ٽيڪ سنگهه جي ايڊيشنل ۽ ڊسٽرڪٽ جج جوڙي کي موت جي سزا سان گڏ هڪ هڪ لک رپين جي ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي. جوڙي پاران فيصلي خلاف لاهور هائيڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جوڙي کي ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.