لنڊن (م ڊ) ڪراچي ايئرپورٽ جي سيڪورٽي انچارج ثمينه مشتاق چيو آهي ته مون کي موبائل فون بچايو نه ته خبر ناه ڇا ٿي وڃي ها. بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته شڪر آهي جو منهنجي هٿ ۾ موبائل فون هو مون فوري طور تي ڪئميرا آن ڪري وڊيو رڪارد ڪئي ۽ پوءِ ان کي اڳتي اماڻي ڇڏيو ته جيئن ڪجهه ٿئي به ته منهنجي بيگناهي جو ثبوت موجود رهي. آئون پڙهيل لکيل آهيان ڪراچي ۾ رهان ٿي نه ته گهٽ پڙهيل عورتون ۽ مرد پنهنجو بچاءُ نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته آئون سڀني کي چوندي آهيان ته جيستائين آئون ڊيوٽي تي آهيان سڀ الرٽ رهو.