موبائل فون تي مگن عورت معصوم ٻار سوڌو گٽر ۾ ڪري پئي

0
319

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) رستي تي ھلندي بي نياز ٿيڻ خطرناڪ ٿي سگھي ٿو، ھڪ اھڙو ئي واقعو ڀارتي عورت سان پيش آيو، جيڪا موبائل فون تي  ايترو مگن ھئي جو ان جي اڳيان گٽر جي ئي خبر نھ پئي ۽ معصوم ٻار سوڌو گٽر ۾ ڪري پئي

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ ھڪ عورت معصوم ٻار کي ھنج ۾ کڻي موبائل فون  ڪن تي لڳائي وڃي رھي آھي، ان دوران کليل گٽر جي سامھون رکيل اشتھاري اسٽينڊ کي بھ نظرانداز ڪيو  ۽ ٻار سوڌو گٽر ۾ ڪري پئي

واقعو ھريانا جي شھر فريد آباد جو آھي، واقعي جي فوري بعد ويجھو بيٺل ماڻھن عورت ۽ معصوم ٻار کي گٽر مان ڪڍي ورتو، خوش قسمتي سان امڙ ۽ ٻار محفوظ رھيا.