مهيني کان ٽيڪسي هلائي رهي آهيان: صبا قمر جي وڊيووائرل

0
677
مهيني کان ٽيڪسي هلائي

ڪراچي(شوبز نيوز) نامياري اداڪارا صبا قمر جي هڪ وڊيو سماجي رابطن جي مختلف ويب سائيٽن تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ ڊسمبر ۾ موڪلون ملهائڻ بدران لاڳيتو ڪم ڪرڻ تي ناراض نظر اچي ٿي

اداڪارا وڊيو ۾ معصوماڻي انداز ۾ چيو ته مون کي گهر ياد اچي رهيو آهي، مونکي گهر وڃڻو آهي، ٿڪجي پئي آهيان، گهڻو وقت گذري چڪو آهي هاڻي مون کي گهر وڃڻو آهي

 

هن چيو ته ڊسمبر ۾ سڀ موڪلون ملهائڻ لاءِ سير سياحت تي نڪري ويندا آهن آئون مهيني کان ڪراچيءَ جي روڊن تي ٽئڪسي هلائي رهي آهيان. واضح رهي ته اداڪارا صبا قمر اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ پروجيڪٽ جي عڪسبندي جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ترسيل آهي جتي هوءَ پنهنجي انتهائي مصروف شيڊول سبب گذريل هڪ مهيني کان مسلسل ڪم ڪري رهي آهي