دبئي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات پنهنجي دبئي جي دوري جي تصوير ۽ وڊيوز کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو آهي. پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات اڄ ڪلهه دبئي جو سير ڪري رهي آهي. ان سير دوران مهوش دبئي هيلي ذريعي هيلي ڪاپٽر جو ٽوئر به ڪيڳ ۽ دبئي جا هوائي منظر ڏٺا. فلائٽ ۾ مهوش حيات تصويرون ۽ وڊيوز به ٺاهيون جيڪي هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيون آهن. مهوش حيات پنهنجي پوسٽ شيئر ڪندي ڪيپشن ڏنو ته “عورتون ۽ مرد اوهان جي ڪيپٽن پاڻ سان مخاطب آهي. ان پوسٽ تي دلچسپ تبصرا ڪيا ويا. ايچ ايس واءِ به ڪمنٽ ڪيو. مهوش حيات جي ڀيڻ افشين هيات لکيو ته صحيح طرح سان جهاز اڏايو جيئن سيکاريو توهان کي سيکاريو هو. هڪ واهپيدار لکيو ته پهريان اسڪوبا ڊائيونگ سکي، هاڻي هيلي ڪاپٽر، ڇا اسان اوهان کي ايڪشن سين ۾ ڏسي سگهنداسين؟؟