ڄامشورو (رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس جي 2150 سيٽن لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪمپيوٽرائزڊ داخلا ٽيسٽ مرحليوار شروع ٿي وئي، پهرين ڏينهن تقريبن 700 اميدوارن ٻن شفٽن ۾ ڪمپيوٽرائزڊ داخلا ٽيسٽ ڏني. مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مک ڪئمپس ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس ۾ داخلا لاءِ سنڌ صوبي جو ڊوميسائل رکندڙ ڪل 08 هزار 248 شاگردن ۽ شاگردياڻين اپلاءِ ڪيو، جن مان گهربل ڪاغذ پورا نه هجڻ ۽ ٻين ٺوس سببن جي ڪري 737 شاگردن ۽ شاگردياڻين جا فارم رد ڪيا ويا. جڏهن ته 07 هزار 511 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي داخلا ٽيسٽ ۾ ويهڻ لاءِ اهل قرار ڏنو ويو آهي. جن مان 04 سيپٽمبر کان 14 سيپٽمبر تائين روزانو تقريبن 700 شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪمپيوٽرائزڊ ٽيسٽ ڏيندا. هلندڙ سال مهراڻ يونيورسٽي پهريون ڀيرو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور ميرس ۾ پڻ ڪمپيوٽرائزڊ داخلا ٽيسٽ جو سينٽر قائم ڪيو آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، پرو وائس چانسلر خيرپور ڪيمپس ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد عمراڻي، پري ايڊميشن ٽيسٽ ڪاميٽي(پيٽڪو) جي سربراهه ۽ ميمبرن سميت لاڳاپيل ذميوارن ٽيسٽ سينٽرن جو دورو ڪيو. ٽيسٽ دوران ڪورونا جي احتياطي اپائن وارين ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائيندي ڪنهن به اميدوار کي ماسڪ ۽ پي سي آر ٽيسٽ جي رزلٽ کانسواءِ يونيورسٽي جي مک گيٽ کان اندر نه ڇڏيو ويو. جڏهن ته اميدوارن جو هدايتي مرڪز ۽ ٽيسٽ سينٽرن ۾ ويهڻ کان اڳ ٽيمپريچر پڻ چيڪ ڪيو ويو. اميدوارن ۽ عملي جي گذر وارن رستن تي سيفٽي گيٽ پڻ لڳايا ويا. اميدوارن توڻي ڊيوٽي تي مقرر عملي کي هڪ ٻئي کان فاصلي رکڻ سميت لاڳايپل ايس او پي تي عمل ڪرڻ جون بار بار هدايتون جاري ڪيون پئي ويون. ياد رهي ته ڪورونا سبب داخلا ٽيسٽ جي اميدوارن کي اڳواٽ هدايت ڪئي وئي ته اميدوار والدين سميت ڪنهن به ٻئي عزيز کي يونيورسٽيءَ جي مک دروازي کان اندر  وٺي اچي نه سگهندا.