مهاٻوڏ 2022ع هڪ جائزو

0
170
مهاٻوڏ-2022ع-هڪ-جائزو

 سنڌو درياهه جيڪو ڪنهن وقت ۾ سال جا ٻارهن مهينا وهندو رهندو هو، خاص ڪري سانوڻي موسم (خريف مند) ۾ پنهنجي ڦوهھ جواني ۾ هوندو هو، پر سياري ۾ (ربيع مند) پڻ سمنڊ سان 17 ڇاڙن وسيلي ڀاڪرين پوندو هو. سنڌو درياهه جي انهيءَ وهڪري ڪري انڊس ڊيلٽا دنيا جي ستين وڏي ڊيلٽا طور مشهوري ماڻي. سنڌو درياهه ۾ وڏي ٻوڏ هر سال نه ايندي آهي. 1929ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي، انهيءِ کانپوءِ 1956ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي. 1956ع کانپوءِ سنڌ ۾ درياهه جي ٻنهي ڪپن تي بندن کي انهيءَ پاڻي جي حساب سان مضبوط ڪيو ويو. 1960ع ۾ پڻ وڏي ٻوڏ آئي ان کان پوءِ تيرهن سالن جي وقفي سان 1973ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي، جيڪا 1956ع واري ٻوڏ کان به وڏي هئي ۽ سنڌ ۾ بند هڪ ڀيرو ٻيهر 1973ع واري پاڻي جي حساب سان ٺاهيا ويا. انهيءَ کانپوءِ وقفي وقفي سان ٻوڏون اينديون رهيون. سنڌ ۾ آخري وڏي ٻوڏ 2015ع ۾ آئي ۽ ان کانپوءِ مسلسل 7 سال سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ رهي ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ واري اڏامندي رهي. 1960ع واري سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ انڊس ڊيلٽا ڏانهن ويندڙ پاڻي آهستي آهستي گهٽجڻ لڳو. ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي پيو. هڪ اندازي مطابق هن وقت تائين سمنڊ ڊيلٽا جي 32 لک ايڪڙ زمين پائي ويو آهي. درياهه ۾ ٻوڏ اچڻ جا مکيھ ٻه سبب آهن. هڪ برف جو رجڻ ۽ ٻيو برسات وسڻ. سنڌو درياهه جي منڍ واري علائقي ۾ ڪوراڪرم ۽ هماليه جبل تي برف جا وڏا ٽڪرا آهن، جن کي گليشير (Glacier) چيو وڃي ٿو. فيبروري جي آخر ۽ مارچ جي شروع ۾ اسڪردو ۽ ان جي آس پاس گرمي پد 22 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌڻ ڪري برف ڳرڻ شروع ڪندي آهي ۽ دريائن ۾ چاڙهه اچڻ لڳندو آهي. اهو پاڻي جو تعداد گرمي پد تي مدار رکي ٿو.

جيستائين وڏي ٻوڏ جو تعلق آهي، اها گهڻو ڪري برسات جي ڪري اچي ٿي. برسات جي ڪري پڻ برف ڳرندي آهي ۽ برف جوڳريل پاڻي ۽ برساتي پاڻي ملي درياهه ۾ چاڙهه آڻيندا آهن. غيرمعمولي برساتن ڪري درياهه ۾ غيرمعمولي چاڙهه ايندو آهي، جنهن کي اسان ٻوڏ سان تعبير ڪريون ٿا.

هن سال يعني 2022ع جي خريف مند جي شروع ۾ تربيلا ڊيم خالي هو ۽ سنڌؤ ۽ ڪابل درياهه ۾ پڻ معمول کان گهٽ وهڪرا هئڻ ڪري سنڌ ۾ خريف جي پاڻي جي کوٽ هئي. 4 جولائي تي آڳاٽي سانوڻي مينهن ڪري دريائي وهڪرن ۾ واڌ اچي وئي. ڪجهه ڏينهن ۾ خالي تربيلا ڊيم پنهنجي وڌ ۾ وڌ حد تائين ڀرجي ويو ۽ هاڻي جيڪو پاڻي آيو پئي، اهو هيٺ ڇڏيو پئي ويو. اهو پاڻي ايترو هو جو سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ هيٺائين درجي جي ٻوڏ اچي ها، سرائيڪي علائقي جي ڊيره غازي خان ۽ راجنپور ضلعن جي جابلو علائقن مان ايترو گهڻو برساتي پاڻي آيو، جو 22 آگسٽ تي تونسا بئراج تي 535318 ڪيوسڪ پاڻي آيو، جيڪو مٿين درجي جي ٻوڏ جي برابر هو. تونسا بئراج تي ٿورو گهٽ وڌائي سان اهو پاڻي هلندو رهيو، آخر 30 آگسٽ تي اهو وهڪرو 6،20،000 ڪيوسڪ جي قريب ٿي ويو ۽ پهرين سيپٽمبر کان اتي لاٿ اچڻ شروع ٿي. ايئن سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي وڏي ٻوڏ اچي وئي. گڊو بئراج 23 آگسٽ تي 5،58،000 ڪيوسڪ، جڏهن ته سکر بئراج تي 25 آگسٽ تي 5،79،000 ڪيوسڪ پاڻي آيو. ڪوٽڙي بئراج تي اهو وڏو وهڪرو ڇهه سيپٽمبر تي 6،04،000 جي قريب پهتو. ڪوٽڙي بئراج تي وڌيڪ پاڻي اچڻ جو سبب منڇر ڍنڍ مان ڇوڙ ڪيل پاڻي چيو پيو وڃي.

درياهه جو رويو:

2022ع واري ٻوڏ۾ سنڌو درياهه جي وهڪري خاص ڪري گڊو بئراج کان ڪوٽڙي بئراج تائين ڪجهه نيون ڳالهيون ڏسڻ ۾ آيون هڪ ته جڏهن گڊو بئراج تي پاڻي لهڻ لڳو ته ان جو اثر سکر تي دير سان ٿيو. ٻيو سکر کان ڪوٽڙي تائين پاڻي کي پهچڻ ۾ 12 ڏينهن لڳي ويا. ٽيون ڪوٽڙي تي پاڻي سو سيڪڙو کان وڌيڪ آيو. چوٿون دادو مورو پل تي ڪيترا ڏينهن پاڻي هڪ ئي سطح تي ٽڪيل رهيو.

منهنجي نظر ۾ سکر تي اثر دير سان اچڻ جو سبب درياهه جي وهڪري ۾ گهٽ وڌائي ڪري ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو پاڻي جڏهن سکر پهتو ته تونسا بئراج تي پاڻي هڪ دفعو چاڙهه کائي لاٿ کاڏي، اتي وري چاڙهه آيو، انهيءِ ڪري سکر تي لاٿ ڪجهه دير سان آئي. جيستائين سکر کان ڪوٽڙي تائين وڌيڪ وقت وٺڻ جو تعلق آهي ته اهو پهريون دفعو 2010ع ۾ ڏسڻ ۾ آيو. ان جو سبب ڳولڻ لاءِ کاتي کي دريائي وهڪرن جو اڀياس (Study) ڪرائڻ کپي. منهنجي خيال ۾ پاڻي دير سان پهچڻ جو سبب سکر ۽ ڄامشوري وچ ۾ درياهه تي ٺهيل نيون پلون آهن. پاڻي انهن پلن ۾ ڦاسي، پوئتي ڀراءَ ڪري ٿو، جنهن کي انجنيئري ٻولي ۾ (Back Afflux) چيو وڃي ٿو ۽ پوءِ آهستي آهستي پلن مان پاڻي نڪري ٿو. جيستائين ڪوٽڙي بئراج تي سو سيڪڙو پاڻي پهچڻ جو تعلق آهي، اچو ته ڏسون ڇا هن کان اڳ ۾ اهڙا مثال موجود آهن. ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کانپوءِ 1955ع ۽ 1956ع اهڙا سال آهن جن ۾ پاڻي سو سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ آيو آهي. باقي وڏي ٻوڏ وارن سالن ۾ 65 کان 90 سيڪڙو پاڻي آيو آهي. منهنجي خيال ۾ ڪوٽڙي تي وڌيڪ پاڻي پهچڻ جو سبب تونسا بئراج کان سکر بئراج تائين ڪافي ڏينهن وهڪرا پنج لک مٿي رهڻ ۽ ٻيو مسلسل برساتن ڪري ڪچي ۾ ڍنڍون، ڍورا اڳئي ڀريل هئا ۽ زمين پڻ پاڻي نه کنيو. آبپاشي کاتي کي انهن مڙني سوالن جو جواب ڳولڻ لاءِ اڀياس ڪرائڻ کپي.

وهڪرا متعلق غط اندازا

فيڊرل فلڊ ڊويزن لاهور (FFD) طرفان 26 آگسٽ تي چتاوني جاري ڪئي وئي ته موسم ۽ تربيلا جي وهڪرن ڪري اندازو آهي ته ڪالاباغ ۽ چشما بئراج تي 28 آگسٽ تي پاڻي جو وهڪرو ساڍا پنج لک کان ست لک تائين ٿي سگهي ٿو. اهو اندازو غلط ثابت ٿيو ۽ 28 آگسٽ تي ڪالاباغ تي پاڻي 4،27،000 ڪيوسڪ جي قريب آيو. چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج جو اهو چوڻ ته اسانجي اندازي ۾ ڪوٽڙي تي پنج کان ساڍا پنج لک ڪيوسڪ پاڻي ايندو، ڀر پاڻي اتي ڇهه لک کان وڌيڪ آيو. مجموعي طرح هن سال جتي دريائي ٻوڏ جي ڪري ڪو به نقصان نه ٿيو ۽ سڄي سنڌ ۾ بندن تي ڪٿي به هنگامي حالتون نه ٿيون، اتي برساتي ٻوڏ سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي، اچو ته برساتي ٻوڏ ۽ ان مان ٿيل نقصانن تي هڪ نظر وجهون.

درياهه جي ساڄي ڪپ تي برساتي ٻوڏ بلوچستان مان آيل پاڻي جي ڪري ٿي. اها صورتحال 2010ع ۾ پڻ ٿي هئي. انهيءَ جابلو پاڻي جو قدرتي لنگهه اهو آهي، جتان منڇر ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو آهي. انهيءَ پاڻي کان شهري علائقن کي بچائڻ لاءِ ٽي مختلف بند ڏنل آهن. پهريون سپريو بند 2. ايف پي بند ۽ 3 .خدا آباد واهه جيڪو خيرپور ناٿن شاهه شهر سان لڳ آهي. 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ آبپاشي کاتي جي اها ذميداري هئي ته ٽنهي بندن کي گهربل حد تائين اونچو ۽ مضبوط ڪن ها، جو ٻيهر گهٽ ۾ گهٽ شهري علائقا ٻڏڻ کان بچي وڃن ها. افسوس جو 12 سال کاتو اگهور ننڍ ۾ رهيو. ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته ايف پي بند ۾ 2010ع ۾ پيل گهارا به بند نه ڪيا ويا هئا ۽ انهن گهارن خيرپور ناٿن شاهه ۽ آسپاس ۾ تباهي مچائي. درياهه جي کاٻي پاسي آيل تباهي ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين جي ڪري ۽ پاڻي جا قدرتي لنگهه بند هئڻ ڪري آئي. مها ٻوڏ جي ڪري هڪ اندازي مطابق سنڌ ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 8 لک جي قريب چوپايو مال مري ويو آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ فصلن جو ٿيل نقصان هن ريت آهي. گهوٽڪي 80 سيڪڙو، سکر 60 سيڪڙ، خيرپور 71 سيڪڙو، ميرپور خاص 82 سيڪڙو، سانگهڙ 79 سيڪڙو، ٺٽو 76 سيڪڙو، عمر ڪوٽ 60 سيڪڙو، بدين 75 سيڪڙو، لاڙڪاڻو 45 سيڪڙو، قمبر 90 سيڪڙو، ڪشمور 45 سيڪڙو، شڪارپور 70 سيڪڙو، جيڪب آباد 60 سيڪڙو، نوشهروفيروز 88 سيڪڙو، دادو 90 سيڪڙو، بينظير آباد 82 سيڪڙو، ڄامشورو 60 سيڪڙو، سجاول 70 سيڪڙو، ٽنڊومحمدخان 60 سيڪڙو، ٽنڊوالهيار30 سيڪڙو، مٽياري 40 سيڪڙو، حيدرآباد 30 سيڪڙو، ٿرپارڪر 11 سيڪڙو، ۽ ڪراچي 5 سيڪڙو. مجموعي طور سنڌ جي فصلن ۽ چوپائي مال کي ٿيل نقصان جو ڪاٽو 2 ارب ڊالر جي قريب آهي. آمدرفت جي ذريعن، گھرن ۽ ٻي خانگي ملڪيت کي پهتل نقصان انهي کان الڳ آهي.

ٻوڏ جو تاثير (After Effect):

ٻوڏ جو تاثير نهايت ڀيانڪ نظر اچي پيو. مٿي ڏنل انگن اکرن مان اهو نظر اچي پيو ته سنڌ جو خريف جو فصل ۽ چوپايو مال ختم ٿي ويو آهي. جيڪڏهن بيٺل پاڻي جلدي نيڪال نه ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ربيع جو فصل نه ٿي سگهندو ۽ باقي بچيل چوپايو مال جي مرڻ جو انديشو آهي. اهڙي غيريقيني صورتحال ۾ وري سرڪار جو ڪڻڪ ۽ سارين جو اگهه سو سيڪڙو وڌائڻ جو مقصد ماڻهن جي قوت خريد گهٽائڻ آهي. سرڪار طرفان مقرر ڪيل انهيءَ اگهه سان ڪجهه ماڻهن کي فائدو ضرور ٿيندو، پر اڪثريت مهانگائي جي جنڊ ۾ پيڙهجي ويندي. انهي اگهه سان اٽي جي في ڪلو جو اگهه بازار ۾ 150 کان 200 روپيا ٿي ويندو، جيڪو روز ڪمائيندڙ ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر هوندو. سنڌ جيئن ته زرعي ملڪ آهي، انهيءَ ڪري جنسن جو اگهه وڌائڻ بجاءِ سرڪار کي زراعت سان لاڳاپيل شين کي سستو ڪرڻ گهرجي، جيئن عام ماڻهو يا ننڍو آبادگار زندهه رهي سگهي. ٻي صورت ۾ سنڌ ڪجهه سال پهرين آفريڪا جي ملڪن واري صورتحال ڏانهن وڃي پئي، جتي ماڻهو بک وگهي رستن تي مئا پيا هئا.

هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي

هن سال جيڪا ملڪ ۾ ٻوڏ آئي آهي، اها دنيا ۾ آيل موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهي. اهو اندازو آهي ته اهو سلسلو ڪجھھ سال اڃا جاري رهندو. انهي ڪري سنڌ سرڪار کي گھرجي ته  1. سپيريو بند ، ايف- بي بند ۽ خدا آباد واھھ کي هن سال آيل پاڻي جي حساب سان مضبوط ڪيو وڃي.

2.منڇر ڍنڍ کي ڊيم جي طرز تي نئين سر هن سال واري پاڻي جي سطح جي حساب سان ٺاهيو وڃي. اڙل ۽ دانستر واهن کي ٻيهر ڊزائن ڪري منڇر جو پاڻي درياھھ ۾ ٻوڏ واري صورت حال ۾ نيڪال ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

3.پاڻي جا قدرتي لنگھھ ٻيهر بحال ڪيا وڃن.

4.سنڌودرياھھ جي وهڪرن جو اڀياس ڪرائي، درياھھ جي وهڪرن ۾ رنڊڪون ختم ڪيون وڃن.