اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  شماريات کاتي پاران هفتيوار عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافي ۽ گهٽتائي بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، 16 جون تي ختم ٿيل هفتي  جي رپورٽ موجب گذريل هفتي دوران مهانگائي جي شرح مجموعي طور تي 3.38 سيڪڙو وڌي 27.82 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، هفتي دوران ڊيزل لٽر قيمتن ۾ 59 رپيا 24 پيسا، پيٽرول لٽر تي 24 رپيا 8 پيسا واڌ ٿي، زندهه ڪڪڙ جي في ڪلو قيمتن ۾ 33 رپيا 66 پيسا،  پٽاٽا ڪلو 3 رپيا 26 پيسا، چڻن جي دال ڪلو  9 رپيا 97 پيسا، دال مسور  9 رپيا 39 پيسا، دال ماش،5 رپيا 3 پيسا، گيهه ڪلو 26 رپيا 12 پيسا مهانگو ٿيو. سرنهن جي تيل جي في ڪلو جي قيمتن ۾ 11 رپيا 76 پيسا، هڏين سان گڏ گوشت جي في ڪلو قيمتن ۾ 9 رپيا 74 پيسا اضافو ٿيو، هوٽل تي دال جي پليٽ 5 رپيا 43 پيسا، هوٽل تي گوشت جي پڪل پليٽ جي قيمتن ۾ 9 رپيا 67 پيسا واڌ ٿي.جڏهن ته ڳاڙهن مرچن، چانهن، رڌ پچاءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪاٺين، فون ڪال جون قيمتون برقرار رهيون. مرداڻي باٽا چپل جي قيمتن ۾ 80 رپيا، بوٽ جي قيمتن ۾ 200 رپيا اضافو ٿيو، عورتاڻي سينڊل جي قيمت ساڳئي برقرار رهي.