ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي خلاف سياسي سماجي تنظيمن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ۽ بک هڙتال ڪئي، ٽي ايل پي اڄ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو، خبر موجب ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف پاران مهانگائي خلاف لياقت آباد 10 نمبر مارڪيٽ ۾ مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ، اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، فردوس شميم نقوي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، واپاري مهانگائي خلاف احتجاج ۾ پي ٽي آءِ  جو ساٿ ڏين، ملير ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن مهانگائي خلاف علامه فيض حسيني، محمد رضوان، علامه مرتضيٰ، ڊاڪٽر عمران، افتخار نوري جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان مرڪزي وائيس چيئرمين عزيز الله ڀٽو، ذوالفقار بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ مھانگائي خلاف آرٽس ڪائونسل آف جي فنڪارن امتياز ڪيريو، حسين ٻگھيو، منٺار چنا، وسيم مشتاق، رحيم انصاري، اسلم شاد، جان جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دھل شرنائين تي انوکو احتجاج ڪيو، قمبر ۾ تحريڪ لبيڪ طرفان محمد علي جان مجددي، محمد اسلم قادري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، دوڙ ۾ مهانگائي خلاف جسقم پاران شعبان ماٽي، مسعود شاھ، محبوب خاصخيلي، منتظر وڳڻ، بادل بروهي، امداد لغاري، امان سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 2 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري احتجاج ڪيو، نوري آباد ۾ جسقم جي ڪارڪنن اضغر پالاري، منير پالاري، جنسار علي جي اڳواڻي ۾ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، مورو ۾ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي مھانگائي خلاف ابرار مورائي، دانش ميمڻ، نويد بهڻ، ظهير ڍلو، شاھد سنڌي ۽ ياسر باغي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي، مدئجي ۾ تحريڪ لبيڪ جي سڏ تي اسرار ابڙو، چاڪر رضوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٺري ميرواهه ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف مزدورن ميرواھ ڪئنال پل تي تي غفار سيال، شير دستي، رياض حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.