لنڊن (م ڊ) وڌندڙ مهانگائي برطانوي وزيراعظم کي لوڙهي وئي، مهانگائي روڪڻ ۾ ناڪامي تي برطانوي وزيراعظم لز ٽرس استعيفا ڏئي ڇڏي، بادشاهه شاهه چارلس سان ملاقات ڪري استعيفا جي فيصلي کان آگاهه ڪيو، معيشت جو ڏکيو فيصلو ڪرڻ ۾ لز ٽرس ناڪام رهي، وزيراعظم لز ٽرس گيس، بجلي جا بل گهٽ ڪرائي سگهي ۽ نه وري مهانگائي تي ضابطو آڻي سگهي، ان سلسلي ۾ لز ٽرس جو چوڻ آهي ته مون معيشت جي بهتري جو عزم کڻي عهدو سنڀاليو هو پر مينڊيٽ کي پورو نه ڪري سگهيس، نئين وزيراعظم جي چونڊ تائين ذميواريون نڀائيندي رهنديس،  هن چيو ته ڪنزرويٽو پارٽي جي سربراهه جي حيثيت سان آئون پنهنجا واعدا نه پاڙي سگهيس، پارٽي جي حمايت وڃائي ويٺي آهيان، مونکي صورتحال جو ادراڪ آهي، آئون ان مينڊيٽ کي پورو نه ڪري سگهيس جنهن لاءِ پارٽي چونڊيو هو، آئون بادشاهه برطانيا کي چوندس ته پارٽي سربراهي تان منهنجي استعيفا منطور ڪري، ايندڙ هفتي ئائين پارٽي قيادت جي چونڊ جو عمل مڪمل ٿي ويندو، واضح رهي ته لز ٽرس 6 هفتن جي مختصر ترين عرصي تائين وزيراعظم جي عهدي تي قائم رهي، هن کي وزارت عظميٰ جي عهدي تي صرف 45 ڏينهن ٿيا هئا. جڏهن لز ٽرس جي استعيفا جي اعلان جي فورن بعد اپوزيشن جي وڏي جماعت ليبر پارٽي جي سربراهه ڪيئر سٽارمر فوري طور نئين چونڊن جو مطالبو ڪيو آهي.