منهڙو (ن پ ا) منھڙو ۾ ڳوٺاڻن پوليس چڙهائي ۽ 4 ڄڻن کي کنڀي کڻي وڃڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺ عبدالغفور ڪيريو جي رهواسين نظام ڪيريو، جان محمد ڪيريو، صوبدار ڪيريو، عرفان ڪيريو، لياقت ڪيريو ۽ ٻين چيو ته مختلف ٿاڻن جي پوليس پ پ اڳواڻ ۽ ڪيريا برادري جي معزز نظام الدين جي گھر تي چڙھائي ڪري ننڊ ستل 4 ڄڻن جاويد علي، انجنيئر ڪيريو، فاروق ۽ پپو کي کنڀي وئي، هنن چيو ته چيو ته اسان شريف ماڻھون آھيون، بنا ڪنھن سرچ وارنٽ جي ڌاڙيلن وانگر گھرن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس جي ظلم جو فوري نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي کنڀلين کي آزاد ڪيو وڇي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او پٻجو چيو ته ڪيريا برادري جا ماڻهو پوليس مٿان بي بنياد الزام هڻي رهيا آهن، هنن جو پاڻ ۾ مسئلو هلي رهيو آهي، جنهن ۾ اعجاز علي ڪيريو جي فرياد تي هنن مٿان ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي، ڪا به چڙهائي ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري ڪئي آهي.