سيوهڻ (ن پ ا) منڇر ۾ معمولي لاٿ جو سلسلو جاري، منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڏيڍ لک ڪيوسڪ ڇوڙ ٿيڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي ڳوٺن مان نڪري نه سگهيو، انڊس ھاءِ  وي تي پڻ 2 کان 3 فٽ پاڻي موجود، ان ڏس ۾ ڍنڍ منڇر جي سطح ۾ معمولي لاٿ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته سيوهڻ تعلقي جي 10 يونين ڪائونسلن جي سوين ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شھرن مان 2 ھفتا گذرڻ باوجود منڇر ڍنڍ جو پاڻي نڪري نه سگهيو آهي، منڇر جي ٻوڏ جو ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ٿيڻ باوجود متاثرن ڳوٺن مان ٻوڏ جو پاڻي گهٽجي نه سگهيو آهي، جڏهن ته سيوھڻ جو دادو ۽ ڀان سيدآباد شھرن سان زميني رابطو ڪٽيل آهي.