منڇر ۾ لاٿ نه آئي، ڳوٺن مان پاڻي گهٽجڻ شروع، بجلي بند، متاثر بي يارو مددگار

0
241

ڀان شهر کان واهڙ تائين انڊس هاءِ وي روڊ تان پاڻي لهي وڃڻ بعد رستو بحال، ڇني روڊ به آبساڻي تائين بحال ٿي ويو، گرڊاسٽيشن ڀان اڃا بحال نه ٿي، منڇر ۾ پاڻي ۾ لاٿ بعد ڳوٺ باغ يوسف جي آر ڊي 14 وٽان ڏنل ڪٽ کي بند ڪرڻ جو ڪم جاري، ان ڏس ۾ منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ 24 ڪلاڪن دوران لاٿ نه آئي آهي،

آبپاشي کاتي موجب پاڻي جي  سطح 119 آر ايل برقرار آهي، يوسي واهڙ، يوسي جعفرآباد ۽ يوسي بوبڪ جي ڳوٺن مان ٻوڏ جو پاڻي گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڀان سيدآباد شهر کان سيوھڻ انڊس ھاءِ  وي تي پاڻي ۾ لاٿ اچي وئي آهي، ۽ ڀان سيدآباد شهر کان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي ڳوٺ واھڙ تائين زميني رابطو بحال ٿي ويو آهي، اهڙي ريت ڀان سيدآباد کان ڇني ڪاڇي طرف ويندڙ روڊ به آبساڻي تائين بحال ٿي ويو آهي،

گرڊاسٽيشن ڀان سيدآباد مان 18 ڏينهن گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب شهر جي بجلي مڪمل طور تي بند پيل آهي. سيپڪو دادو جي انجنيئر عبدالعزيز پنهور موجب 4 کان 5 ڏينهن تائين گرڊاسٽيشن مڪمل بحال ڪري بجلي جي سپلاءِ ڪئي ويندي، هوڏانهن ٻوڏ متاثر مختلف ڳوٺن ۾ اچ وڃ لاءِ متاثرن کي ضلعي انتظاميا  ٻيڙيون فراهم نه ڪيون آهن، متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته انتظاميا  راشن من پسندن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، راشن ۾ به سياست پئي ٿئي، ٻي طرف ڳوٺ باغ يوسف وٽان منڇر بند کي ڏنل پھرئين ڪٽ کي بند ڪرڻ جو ڪم آبپاشي کاتي پاران شروع ڪيو ويو آهي،  ٻئي مرحلي ۾ آر ڊي 52 بوبڪ وٽ ڏنل ڪٽ کي پڻ بند ڪيو ويندو.  جڏھن ته لاڙڪاڻو حيدرآباد انڊس هاءِ وي روڊ  25 ڏينھن کان بند پيل آهي. جنهن ڪري سيوھڻ جو دادو شهر سان زميني رابطو ڪٽيل آهي.