منڇر کي ڪوڏرن سان ٻيو ڪٽ: ڍنڍ ڀرجي وئي، دادو، ڀان ۽ خانپور ۾ خوف، بوبڪ، آراضي ۽ جعفرآباد ۾ تباهي

0
391

دادو/ سيوهڻ/ ڀان/ جوهي/ ميهڙ/ وارهه(نمائندن وٽان) منڇر کي ڪوڏرن سان 50 فوٽن جو ٻيو ڪٽ هنيو ويو، پاڻي گهٽجڻ بدران آخري سطح 126 آر ايل تي پهچڻ بعد ڍنڍ ڀرجي وئي، دادو، ڀان خانپور ۽ ڪڪڙ سميت سوين ڳوٺن ۾ خوف ڦهلجي ويو جڏهن ته ٻوڏ وارو پاڻي بوبڪ، آراضي ۽ جعفرآباد ۾ تباهي مچائڻ بعد وڏي وزير جي ڳوٺ واهڙ ڏانهن وڌڻ لڳو

تفصيل موجب باغ يوسف کان ڪٽ ڏيڻ باوجود منڇر ۾ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي اچڻ بدران مسلسل اضافو ٿيڻ کانپوءِ منڇر بند کي آر ڊي 52 وٽان رودناڻي ڳوٺ سامهون مزدورن کان ڪوڏرن ۽ ٽيرڪمن ذريعي 50 فوٽن جو ڪٽ ڏياريو ويو آهي ، آبپاشي عملدارن موجب سيوهڻ بوبڪ روڊ پاڻي هيٺ اچڻ ڪري ڪرينون نه اچڻ سبب مزدورن کان ڪٽ ڏياريو ويو ، جنهن مان منڇر جو پاڻي تيزي سان بوبڪ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ آبادي وارن علائقن ڏانهن وڌڻ شروع ٿي ويو آهي

بوبڪ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ اڳ ۾ ئي باغ يوسف کان ڏنل ڪٽ جي پاڻي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا هئا ، آر ڊي 52 وٽان منڇر بند کي ڏنل ڪٽ مان پاڻي جو وڏو وهڪرو پکڙجڻ ۽ سطح ٺاهڻ کانپوءِ ڪرم پور وٽان ايل ايس بچاءُ بند کي ڪٽ ڏئي منڇر جي وهڪري کي سنڌو درياء ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو ، آبپاشي کاتي دادو جي ايس اي محمد عالم راهپوٽو جو چوڻ آهي ته منڇر کي آر ڊي 52 وٽان ڏنل ڪٽ صبح تائين سوين فوٽن ۾ تبديل ٿي ويندو ڇو ته آر ڊي 52 هيٺائين وارو هنڌ آهي ، جتان منڇر مان وڏو وهڪرو آبادي وارن علائقن ۾ تيزي سان پکڙجڻ کانپوءِ ٻن ڏينهن اندر منڇر جي سطح ۾ رڪارڊ لاٿ اچي ويندي ، ٻئي طرف باغ يوسف وٽان ڪٽ ڏيڻ باوجود منڇر ۾ پاڻي سطح گهٽجڻ بدران آخري سطح 126 آر ايل تي پهچي وئي آهي،  پاڻي وڌڻ سبب خانپور سامهون ڪاري موري ، ڦلجي وليج پل کي پاڻي اور ٽاپ ڪري وهڻ ، دادو ڀرسان بي ايڇ پي ڪمپني، کير واري موري ، ڀان سيدآباد سامهون ڪمال خان موري ۽ زيرو پوائنٽ ڀرسان ايم اين وي ڊرين کي روڻيون پونديون رهيون جيڪي ڳوٺاڻن ۽ انتظاميا پاران ڪرينن ، مٽي جا پاچڪن سان بند ڪيون ويون

منڇر جي زيرو پوائنٽ سامهون ايم اين وي ڊرين بند کي مسلسل پاڻي جو وهڪرو پائي رهيو هو ۽ پاڻي ايم اين وي بند صرف اڌ فوٽ هيٺ هو ، سڄو ڏينهن ايم اين وي ڊرين تي پاڻي جي دٻاء وڌڻ سبب دادو ، خانپور ، ڪڪڙ ، ڀان سيدآباد سميت سوين ڳوٺن جي رهواسين جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو هو،   ٻئي طرف منڇر ڍنڍ جو ٻوڏ وارو پاڻي يوسي بوبڪ، يوسي آراضي، جعفرآباد ۾ تباهي مچائڻ بعد يوسي چنا، يوسي آراضي ۽ واهڙ ڏانهن وڌي رهيو آهي،  ڄاڻايل يوسيز جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي قائم ڳوٺ مولابخش ملاح، ڳوٺ ملوڪ ملاح، مياڻي، آريسرا، حمزو بوزدار، شادي خان بوزدار، ڳوٺ بنگل خان بوزدار پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته شهباز ايئرپورٽ سيوهڻ به پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويو، پاڻي پارڪو ڪمپني جي ديوارن ۽ سيوهڻ ٽول پلازا سان ٽڪرائجي ويو آهي، وهڪرو تيز هجڻ سبب رات دير سان پاڻي انڊس هاءِ وي روڊ کي اووٽ ٽاپ ڪري رهيو هو، هوڏانهن  ميھڙ رنگ بند تي گذريل 12 ڪلاڪن ۾ اڌ فوٽ کان وڌيڪ چاڙھه سبب 8 فوٽ تائين پاڻي بيھي ويو آھيمنڇر ڍنڍ کي ٽن ھنڌن تي ڏنل

منڇر ڍنڍ کي ٽن ھنڌن تي ڏنل ڪَٽ جي پاڻي سيوھڻ جي 5 يوسيز ۽ شھباز ايئرپورٽ کي ٻوڙي ڇڏيو

ٻئي پاسي ٻوڏ جي پاڻي ميھڙ سميت ڪچي ۽ ڪاڇي جي علائقن ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي تعلقه ميھڙ مڪمل طور تباهه ٿي ويو آھي شھر جي باءِ پاس واري علائقي جون 10 کان وڌيڪ ڪالونيون ۽ تعلقي جي 20 يونين ڪائونسلن ۾ ھزارين گھر ڊھي پيا آهن،  جڏهن ته جوهي شهر جي رنگ بند کي شديد خطرو ٿي پيو آهي. شھر  اندر افراتفري وارو ماحول پيدا ٿي ويوآهي، مختلف هنڌان رنگ بند کي روڻيون لڳيون جن کي شھرين بند ڪري ورتو، رنگ بند تي پاڻي جو دٻاءُ وڌيڪ هجڻ ڪري شھرين لائوڊ اسپيڪر کڻي شھر جي مختلف چوڪن تي وڃي پڙها ڏياري ماڻھن کي جلدي رنگ بند تي پهچڻ جي اپيل ڪئي، ايس ايڇ او جوهي به لائوڊ اسپيڪر کڻي هوٽل بند ڪرائي ماڻھن کي رنگ بند پهچڻ جي هدايت ڪئي، پاڻي جي وڏي وهڪري ايم اين وي ڊرين جي اوڀر پاسي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو جتي سوين ڳوٺاڻا بند جي حفاظت لاءِ ڏينهن رات پهرا ڏئي رهيا آھن، جوهي لڳ ڳوٺ الهداد فقير وٽ مقامي ڳوٺاڻن پنهنجن ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ چنجاڻي شاخ کي ايف پي بند کان الهداد فقير موري تائين بچاءُ بند ڏنو ويو

پاڻي جي چاڙھ سبب بند کي گهارو لڳي ويو نتيجي ۾ ڳوٺ الهداد فقير، نبي بخش لغاري سميت آس پاس ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي رهيو آهي، جوهي ٻيڙي جي پتڻ تي ماڻھن جي رش وڌي وئي، ٻيڙي وارن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن، موٽر سائيڪل 200 رپيا کان 300 رپيا، في ماڻھو تي 100 کان وڌائي 150 رپيا ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف  گاجي کهاوڙ جي ٻوڏ وارو پاڻي نصيرآباد طرف ۽ مختلف ڳوٺن ڏانهن تيزي سان وڌڻ لڳو آھي. گاجي کهاوڙ جي ٻوڏ جو پاڻي ڳوٺ زهري بروهي، رحمون کوسو، شيخ فارم، ڇُٽل سانڀل ۽ ڳوٺ خان محمد کهاوڙ، مڱيو مسڻ  بازاري ڪانڌڙا  ۽ نصيرآباد شهر کي ٻوڙي ڇڏيندو جڏهن ته مختلف ڳوٺن جا ماڻهون پنهنجي مدد پاڻ گهاري کي ٻڌڻ ۾ مصروف آھن پر انتظاميه مسلسل غائب آھي.

 ڪوٽڙي بئراج جي هيٺانهين پاسي سنڌوءَ جي وڏي ٻوڏ جي تيز وهڪري ٺٽي ضلعي جي مڪمل ڪچي واري علائقي کي ٻوڙڻ بعد سڌو رخ سنڌو درياءَ جي انتهائي حساس حفاظتي بند سونڊا هيلايا تي رکڻ سان گڏ سنڌوءَ اندر اڻ مڪمل آر بي او ڊي جي هڪ حصي اندر داخل ٿي ڪينجھر ڍنڍ ويجھو سولنگي سامهون لاڳيتو ڌٻاءُ وجھي ڇڏيو آهي جڏهن ته سنڌوءَ جي وڌندڙ ٻوڏ واري وهڪري سبب 2010ع واري مها ٻوڏ دوران سٽ نه سهندي ٽٽي ويل ٻائو پورنداس (پي بي ) بند سان گڏ شهيد دولھه درياءَ خان پل جي ٻنهي پاسن وارن ڏنل اسٽون پچينگ تي پڻ سخت ڌٻاءَ برقرار رکي ڇڏيو آهي ٻئي پاسي سنڌوءَ جي وڏي ٻوڏ واري وهڪري گھوڙاٻاري جي انتهائي حساس بندن بگھاڙ اوچتو ( بي يو ) گليل سان گڏ بي يو انڊو سان پڻ ٽڪرائجي ڌٻاءُ ووڌائي ڇڏيو آهي

جڏهن ته سنڌوءَ جي وڏي ٻوڏ جي وهڪري ٺٽي جي مڪمل ڪچي کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي ٻئي طرف  ملڪاڻي  لڳ پراڻ ڍوري کي لڳل گھارو رات دير سان ڪاٺ جي لڪڙن ۽ مٽي جي ڪٽن سان بند ڪيو ويو. جيڪو صبح سوير ٻيهر لڙھي ويو. گھاري جو پاڻي تعلقي ٽنڊي باگي جي يونين ڪائونسل ملڪاڻي، پير بودلو، سمن سرڪار، ڏيئي جرڪس ۽ پنگريو جي سوين ڳوٺ ٻوڙڻ کانپوءِ  ڳوٺ الھداد ليل، ڪرشن ڪولھي، سيوجي ڪولھي، امير بخش، دوست محمد جروار، سميت 30 ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آهن ٻئي طرف پنگريو ڀرسان ايل بي او ڊي ۾ ٻيھر پاڻي اندڙ چاڙھه اچڻ لڳو آهي. ھڪ ھفتو اڳ سانگھر ۽ ميرپور خاص جي علائقن ۾ گھارا لڳڻ کانپوءِ ايل بي او ڊي جي سطح 22فوٽ مان گھٽ ٿي 19 فوٽ تائين پھتي ھئي پر وري 245 آر ڊي وٽ پاڻي ٻيھرھڪ فوٽ تائين  وڌي 19فوٽ مان 20فوٽ ٿي ويوآھي

ھي به پڙھندا

منڇر ڍنڍ:ايم اين وي ڊرين جي بند کي 50 فُٽ گهارو، پوليس اھلڪار سوڌو 3 ڄڻا وھڪري ۾ لڙھي ويا

ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار