منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح معمول تي اچي وئي، بوبڪ جو انڊس هاءِ وي سان زميني رابطو بحال

0
291

سيوھڻ/ڀان سيد آباد (نمائندن وٽان) منڇر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح معمول تي اچڻ بعد بوبڪ شهر جو انڊس هاءِ وي سان زميني رابطو بحال، آر ڊي 62 بوبڪ بند وٽ اڙل واهه جي ٽٽل دروازي جو مرمتي ڪم به شروع ٿي ويو آھي

ٻوڏ متاثر يوسيز بوبڪ، چنا، جعفرآباد، واهڙ ۽ آراضي جي سوين ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب هزارين ماڻهو اڃا تائين دربدر آھن

ريلوي ٽريڪ مڪمل طور ڪليئر نه هجڻ سبب ٽرينن جي اچ وڃ به معطل ٿيل، منڇر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح 114 آر ايل تائين پهچي وئي، منڇر ۾ لاٿ باوجود ٻوڏ متاثر يوسيز جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا

ھي به پڙھندا

جوهي جي مختلف ڳوٺن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو

گذريل 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ76567 متاثر خاندان ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن: شرجيل ميمڻ