منڇر ڍنڍ ۾ لاٿ باوجود پاڻيءَ جو دٻاءُ برقرار

0
346
منڇر ڍنڍ ۾ لاٿ باوجود

ڀان سيد آباد: منڇر ڍنڍ ۾ لاٿ باوجود بوبڪ، واهڙ ۽ جعفرآباد يوسيز تي پاڻيءَ جو دٻاءُ برقرار آهي

ٽنهي يوسيز جي سوين آبادين ۾ اڃا تائين 8 کان 10 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب رهواسي پريشانيون ڀوڳي رهيا آهن

انڊس هاءِ وي تي لڳل ڪٽس سبب دادو ۽ سيوهڻ ۾ زميني رابطو ڪاٽا ٿيل آهي، جڏهن ته پاڻيءَ جي لاٿ وارن علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهرن ڏانهن واپسي جو عمل به جاري آهي

منڇر ۾ پاڻيءَ جي ليول 116 ڏهائي 5 آر ايل تائين گهٽجي وئي آهي، پر ان باوجود ٽن يوسيز ۾ دٻاءُ برقرار آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي 13 لک ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ راشن ورهائي چڪا آهيون: شرجيل ميمڻ

لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ متاثر ٽينٽ ۽ راشن سان ڀريل ٽرڪن تي ڪڙڪي پيا