سيوھڻ(ن پ ا) سيوھڻ ويجهو منڇر ڍنڍ جي بچاء بند کي آر ڊي 14 ۽ آر ڊي 52 وٽ لڳايل ڪٽن کي ڏيڍ مھيني بعد بند ڪري ورتو آهي مليل ڄاڻ موجب آبپاشي انتظاميا آر ڊي 14 کي بند ڪرڻ بعد منڇر کي آر ڊي 52 تي ڪوڏرن سان ڏنل ڪٽ کي پڻ لڪڙن جو جھٽ ھڻي ۽ مٽيء جون ٻوريون وجهي بند ڪري ورتو آهي. جنهن سان منڇر جي ٻوڏ جو پاڻي سيوھڻ جي ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ بند ٿي ويو آهي. ياد رھي ته منڇر جي بند کي آبپاشي کاتي پاران سڀ کان پھرين ڏيڍ مھينو اڳ آردي 14 وٽ ڳوٺ باغ يوسف ڀرسان پھريون ڪٽ ڏنو ويو ۽ ٻئي ڏينهن تي پاڻي جي سخت دٻاء سبب منڇر جي بند کي آر ڊي 52 وٽان پڻ ڪوڏرن زريعي ٻيو ڪٽ پڻ ڏنو ويو منڇر ڍنڍ جي بندن کي ڏنل ڪٽن سبب منڇر جو پاڻي سيوھڻ جي اٺن يونين ڪائونسلن ۾ ڦھلجي ويو ۽ وڏي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي جنهن ۾ 600 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا ۽ ڪيترائي ڳوٺ جا نشان ئي مٽجي ويا.  ٻئي طرف آبپاشي انتظاميا پاران منڇر جا سمورا ڪٽ بند ڪرڻ تي تعلقي سيوھڻ جي عوام ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آهي.