ڀان سيدآباد/ سيوھڻ (نمائندن وٽان) منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ لاٿ جاري آهي، منڇر جي پاڻي سطح 119.5  آر ايل ٿي وئي آهي، منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ لاٿ بعد مختلف يوسيز جي ڳوٺن مان به پاڻي گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته منڇر جي ھڪ ڪٽ کي جلد بند ڪرڻ تي غور شروع ٿي ويو آهي. يونين ڪائونسل باجارا، جهانگارا، ٽلٽي، ٻنڀا ۽ شيخ جي ڳوٺن مان پاڻي ۾ لاٿ جاري آهي. ٻئي پاسي ڀان سيدآباد شهر جي رنگ بند تان به پاڻي پوئتي هٽي ويو آهي، تعلقي سيوهڻ جي پنج يوسيز ۾ اڃا تائين ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، يوسي بوبڪ، واهڙ، جعفرآباد، چنا ۽ آراضي ۾ ٻوڏ واري صورتحال هجڻ سبب مقامي ڳوٺاڻا بي يارومددگار ويٺل آهن، هوڏانهن آبپاشي کاتي پاران منڇر جي پاڻي ۾ لاٿ بعد منڇر ڍنڍ کي ڏنل ڪٽ بند ڪرڻ لاء سروي شروع ڪري ڇڏي آهي، پهرين مرحلي ۾ آر ڊي 14 باغ يوسف وٽان لڳل ڪٽ بند ڪيو ويندو، ٻئي مرحلي ۾ آر ڊي 52 بوبڪ وٽان ڪٽ بند ٿيندو، منڇر ڍنڍ کي ڪٽ لڳڻ بعد لاڙڪاڻو حيدرآباد انڊس هاء وي روڊ 19 ڏينهن کان بند پيل آهي جنهن جي ڪري ڀان سيدآباد ۽ دادو شهرن جو سيوهڻ شهر سان زميني رابطو ڪٽيل آهي، دادو توڙي ڀان جا رهواسي سيوهڻ طرف ٻيڙين ذريعي اچ وڃ ڪري رهيا آهن، علائقي ۾ هر طرف پاڻي ئي پاڻي هجڻ سبب گيسٽرو، ڊينگي ۽ مليريا سميت ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آهن، ٻوڏ سبب هزارين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن جيڪي ٻوڏ متاثر مسيحا جا منتظر آهن، ٻئي طرف ڀان سيدآباد شهر جي گرڊاسٽيشن 15 ڏينهن گذرڻ باوجود بہ بحال نہ ٿي سگهي آهي،  شهرين پاران گرڊاسٽيشن مان پاڻي نيڪالي وارو ڪم جاري آهي. منڇر بچاء بندن جي ڪٽن ۽ گھارن کي بند ڪرڻ تي غور بعد وڏي وزير جي حڪم تي ايم اين اي سردار سڪندر علي راھپوٽو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ڄامشوري جي صدر سيد آصف علي شاھ پاران ڪالھ منڇر  بچاء بند جو دورو ڪري آر ڊي 14 کي ڏنل پھرئين ڪٽ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ايريگيشن کاتي جو ماھر زاھد شيخ ۽ انجنيئر  آبپاشي مھيش ڪمار پڻ ساڻن گڏچي آر ڊي 14 وٽ منڇر جي ڪٽ واري ھنڌ جو معائنو ڪيو. منڇر جي ڪٽن جو معائنو ڪرڻ بعد ايم اين اي سڪندر راھپوٽو ۽ پيپلزپارٽي جي ضلعي ڄامشورو جي صدر سيد آصف علي شاهه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سيوھڻ جي ڪجھ يوسين جي ڳوٺن ۽ شھرن مان ٻوڏ جي پاڻي ۾ 2 کان 3 فٽ جي لاٿ اچڻ ڪري مختلف ھنڌن تي ڏنل ڪٽن ۽ گھارن جو جائزو وٺي رھيا آهيون ھاڻي وڏي وزير جي ھدايت تي انھن ڪٽن کي بند ڪرڻ لاء غور ويچار ڪريون پيا ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن سان گڏجاڻي بعد ڪٽن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.