ڀان سيدآباد (ن پ ا) منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي سطح ۾ لاٿ نه  آئي، پاڻي سطح 121.5 برقرار، علائقي ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار، 10 يوسيز ٻڏل، رليف جو ڪم شروع نه ٿيو، متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل. ان ڏس ۾ منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ لاٿ ناهي اچي سگهي،  جنهن جي ڪري ڍنڍ جي پاڻي جي سطح ساڍا 21 فوٽن تائين برقرار آهي، پاڻي سطح 121.5 – RL تائين آهي، ڍنڍ جي پاڻي ۾ 10 يونين ڪائونسلن کي ٻوڙڻ بعد به گهٽتائي نه آئي آهي، آبپاشي کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته منڇر ۾ اڃا تائين ايم اين وي ڊرين مان ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿئي پيو، منڇر ۽ ٻڏي ويل يوسيز مان روزانو 2 لک ڪيوسڪ پاڻي ڪرمپور وٽان 5 مختلف هنڌن تان ڪٽن ذريعي پاڻي سنڌو درياءَ ۾ خارج ٿئي ٿو. هوڏانهن منڇر ڍنڍ جي مين بوبڪ بند تي ڏڪار واري صورتحال آهي پر ضلعي انتظاميا منڇر واسين کي وساري ڇڏيو. منڇر جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ متاثرن کي خيما، مڇردانيون توڙي راشن به نه مليو آهي، جنهن سبب مهاڻا توڙي مقامي ڳوٺاڻا دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. متاثر ٻوڏ وارو گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي ويون آهن، يونين ڪائونسل واهڙ، بوبڪ، جعفرآباد، آراضي، چنا، شيخ، ٽلٽي، ٻنڀا، باجارا ۽ جهانگارا ۾ ٻوڏ جو پاڻي هر طرف بيٺل هجڻ سبب گيسٽرو، مليريا، ڊينگي سميت ٻين بيمارين منهن ڪڍيو آهي.