سيوھڻ(ن پ ا) منڇر ڍنڍ جي پاڻي کي درياهه ۾ تڪڙو نيڪال ڪرڻ ۽ انڊس ھاءِ وي روڊ کي ڪٽ ڏيڻ لاءِ سوين ٻوڏ متاثرن جو اڙل واھ پل وٽ پھچي انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي جنھن سبب گاڏين جي اچ وڃ متاثر ٿي. ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ متاثر ڳوٺاڻن دائم ٽالپر. روشن بڙدي. قربان ٽالپر ۽ ايڊووڪيٽ نجم جتوئي ميڊيا آڏو ڳالھائيندي چيو ته سيوهڻ تعلقي جي يونين ڪائونسل بوبڪ، جعفر آباد، آراضي ۽ چنا جي منڇر جي پاڻي لپيٽ ۾ آيل آھن ۽ جنھن ڪري سيوھڻ تعلقي جي ڳوٺن ۾ 8 کان 11 فٽ پاڻي بيٺل آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته منڇر جو پاڻي جلد نيڪال ڪرڻ لاء انڊس ھاء وي روڊ کي ڪٽ ڏنو وڃي ڪٽ نه ڏنو ويو ته احتجاج جاري رکيو ويندو. آبپاشي انجنيئر مھيش ڪمار ڌرڻي ۾ پھچي ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ متاثر ڳوٺاڻن يقين ڌياني ڏياريندي چيو ته انڊس ھاء وي روڊ کي جلد جڳهه جو تعين ڪري اتي روڊ کي ڪٽ ڏنو ويندو ته جيئن متاثر ڳوٺن مان پاڻي جلد نڪري سگهي انجنيئر آبپاشي جي اھڙي خاطري ڪرائڻ بعد متاثرين احتجاج ۽ ڌرڻو ختم ڪيو.