لاهور (م ڊ) عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز سميت ٻين شريڪ جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست منظور ڪري  ورتي، 15 جولاءِ تي ٻيهر طلب، فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سميت ٻين جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي خاص عدالت ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ روپوش ٽن جوابدارن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، ايف آءِ اي جي وڪيل فاروق باجوا عدالت کي ٻڌايو ته ٽئي جوابدار ڏنل پتي تي موجود نه ناهن. جنهن بعد وزيراعظم شهباز شريف روسٽرم تي اچي چيو ته منهنجو حق آهي ته پنهنجي ضمانت بابت عدالت کي حقيقتون ٻڌايان. شهباز شريف چيو ته ايف آءِ اي جو ڪيس به اهو ئي آهي، جيڪو نيب ٺاهيا هئا، مون خلاف آشيانه هائوسنگ ۽ رمضان شوگر ملز جا ڪيس ٺاهيا  ويا. ان دوران جج شهباز شريف کان پڇاڻو ڪيو  ته ڇا انهن ملز ۾ اوهان جو ڪو شيئر ناهي؟ جنهن تي شهباز شريف چيو ته منهنجو ڪو شيئر ناهي، شوگر ملز جو ڊائريڪٽر آهيان نه مالڪ ۽ نه ئي شيئر هولڊر آهيان. وزيراعظم چيو ته آشيانه هائوسنگ ڪيس ۾ مون تي اختيارين جي غيرقانوني استعمال جو الزام لڳايو ويو، جڏهن ته منهنجي ڪيسن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ تفصيلي فيصلو ڏئي چڪي آهي. هن عدالت کي ٻڌايو ته نيب منهنجي خلاف سپريم ڪورٽ ويو، ان وقت جي چيف جسٽس منهنجي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست ۾ چيو ته ڪرپشن جا ثبوت ڪٿي آهن، نيب اتان به پڇ لوڏيندو ڀڄي ويو. شهباز شريف چيو ته نيب جي ٽارچر سيل ۾ هئس، اتان جيل ويس ته ايف آءِ اي وارا ٻه دفعا مون وٽ آيا، ايف آءِ اي وارن کي چيو ته پنهنجي وڪيل سان مشورو ڪرڻ کانسواءِ جواب نٿو ڏئي سهگان، مون زباني ايف آءِ اي کي حقيقتون ٻڌائي ڇڏيون هيون، منهنجي ڪيسن جو ميرٽ تي فيصلو ٿيو ۽ مان ٻاهر آيس. هن چيو ته عزت ئي انسان جي ملڪيت هوندي آهي، مون تي انتهائي سنگين الزام لڳايا ويا، ڪيئي حاضريون ڀوڳيون، ايف آءِ اي  ڇنڊ پٽي وئي ته چالان  پيش ڇو نه پيو ڪيو وڃي. مونکي لڳي ٿوته ايف آءِ اي  وارا گرفتاري جو رستو ڳولي رهيا هئا، انڪري چالان ۾ دير ڪئي. وزيراعظم چيو ته مونکي پنهنجي خاندان کي سبسڊي ڏيڻ جو اختيار هو پر مون ملڪ لاءِ ڪيترائي سئو ارب بچايا، ڇا هي مشتاق کنڊ واري سان ڊيل ڪندا، سڄو ڪيس ڪوڙ تي ٻڌل آهي، جنهن تي مٽي پوندي. لاهور جي خاص عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سميت سمورن جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن بعد عدالت پهريان محفوظ فيصلو ٻڌائيندي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي 10، 10 لک رپيا جڏهن ته ڪيس ۾ شريڪ ٻين جوابدارن کي 7 ڏينهن ۾ 2،2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ايف آءِ اي سينٽرل ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهبازشريف ۽ وزيراعليٰ پنجاب حمزه شهباز کي 15 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو ۽ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته عدالت سلمان شهباز، طاهر نقوي کي روپوش قرار ڏنو ۽  طلبي لاءِ اشتهار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو .