لاهور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عارضي ضمانت ۾ 23 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي آهي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ سليمان شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي. وزير اعظم شهباز شريف جو پٽ سليمان شهباز عدالت ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. سليمان شهباز عدالت آيو ۽  حاضري لڳائي واپس هليو ويو، عدالت سندس عبوري ضمانت ۾ 23 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي،لاهور جي احتساب عدالت نيب کي ايندڙ مهيني تائين جاچ مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.