مني لانڊرنگ جو ڊڪليئرڊ شهنشاهه عمران نيازي آهي: شرجيل ميمڻ

0
97

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته مني لانڊرنگ جو ڊڪليئرڊ شهنشاهه عمران نيازي پاڻ آهي، اهڙن ڌاڙيلن کي  هاڻي تاريخي ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو

پنهنجي جاري ڪيل ٽويٽ ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته نيازي دور ۾ جڏهن پوليس گرفتار ڪرڻ آئي ته اسان جي ليڊر گرفتاريون پيش ڪيون

هن چيو ته پرويز الاهي جيان ڊڄي ٻڄي نه ويا هئا، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي عمران نيازي جي چهري تان شرافت ۽ ايمانداري جو نقاب لاهي ڇڏيو آهي، فرح گوگي ۽  عثمان بزدار ذريعي جيڪي اربين رپيا بني گالا ۾جمع ڪرايا ويا  هنن کي ان جو به حسان ڏيڻو پوندو