مني لانڊرنگ تي مذاق نٿو ٺهي، حريم خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي: شهزاد اڪبر

0
333
مني لانڊرنگ تي مذاق نٿو

لاهور: وزيراعظم جي گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران حريم شاهه بابت پڇيل سوال تي چيو ته مني لانڊرنگ تي مذاق نٿو ٺهي، ايف آءِ اي حريم شاهه جي ڪيس جو نوٽيس وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.  شهزاد اڪبر چيو ته حريم شاهه جي وڊيو برطانوي ايجنسي سان به شيئر ڪئي وئي آهي

واضح رهي ته حريم شاهه سوشل ميڊيا تي ڪرنسي نوٽن سان گڏ هڪ وڊيو جاري ڪئي هئي جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي هئي ته مون کي نه ڪنهن روڪيو ۽ نه ئي روڪي سگهي ٿو، پهريون ڀيرو پاڪستان کان ايتري وڏي رقم برطانيا کڻي وئي هئي. حريم شاهه جي وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ ايف آءِ اي سندس خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

ھي به پڙھندا

وڊيو مزي لاءِ ٺاهي، ايف آءِ اي شوق سان انڪوائري ڪري: حريم شاهه