مني لانڊرنگ اسڪينڊل: ھريش ڪڙيلا جي ضامن کي پيش ٿيڻ جو حڪم

0
207
مني لانڊرنگ اسڪينڊل
مني لانڊرنگ اسڪينڊل: ھريش ڪڙيلا جي ضامن کي پيش ٿيڻ جو حڪم

ميرپورخاص(رپورٽ:روي شنڪر مالھي)  اربين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد ھريش ڪڙيلا پنجين ڀيري به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود ايف آءِ اي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رھي

فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ڪيس ۾ نامزد 12 ٻيا جوابدار پيش ٿيا، جڏھن ته  ھريش ڪڙيلا پيش نه ٿيڻ ڪري عدالت  ٻڌڻي 9 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جنھن بعد عدالت ٻيھر گرفتاري وارنٽ جاري ڪري  ايف آءِ اي کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت ضمانت کڻندڙ رام پرڪاش کي نوٽيس جاري ڪندي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو

 واضح رھي ته ھريش ڪڙيلا پيسا ڊبل ڪرڻ جي بھاني طور فاريڪس ٽريڊنگ جو ڪاروبار ڪندو ھو ۽ ھزارين ماڻھن کان اربين روپين جي سيڙپ ڪرائي ھئي ۽ رقم ملڪ کان ٻاھر منتقل ڪرڻ جي الزام تحت ايف آءِ اي  2 سال اڳ کيس گرفتار ڪري  مٿس فاريڪس ٽريڊنگ مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ھو