مني بجيٽ تيار، ڇا ڇا مهانگو ٿيندو؟

0
1200
مني بجيٽ تيار، ڇا ڇا مهانگو ٿيندو؟
مني بجيٽ تيار، ڇا ڇا مهانگو ٿيندو؟

اسلام آباد: مني بجيٽ تيار آهي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي جي نئين طوفان اچڻ جو خطرو آهي.مني بجيٽ ۾ ڪاسميٽڪس، دٻن ۾ بند خوراڪ ۽ لگزري شيون مهانگيون ٿينديون، امپورٽ ٿيل گاڏين جا اگهه به وڌي ويندا. چيئرمين ايف بي آر ڊاڪٽر اشفاق احمد چيو آهي ته مني بجيٽ تيار ٿي وئي آهي، حڪومت جڏهن چوندي ته پيش ڪري ڇڏينداسين. سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪئي پئي وڃي، لگزري آئٽمز جي درآمد تي ٽيڪس لڳايو ويندو، امپورٽ ٿيل گاڏين تي به اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.چيئرمين ايف بي آر موجب پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس ريفائنري اسٽيج تي لاڳو ٿيندو، کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن تي ٽيڪس ڇوٽ برقرار رهندي. مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مني بجيٽ جي اعلان مان ثابت ٿي ويو ته قومي بجيٽ جي موقعي تي ڪوڙ ڳالهايو ويو. شهباز شريف چيو ته هي مني بجيٽ نه آهي، هي معاشي تباهي ۽ مهانگائي جو ڪارو طوفان آهي، مني بجيٽ قومي معيشت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي.