منهڙو (ن پ ا) منھڙو ڀرسان ڳوٺ  مبين خان ڏاھري ۾  غلام حيدر ڏاھري ۽ گل ڏاھري پاران مشھور ملهه پھلوان جن ۾ رياض لاشاري ۽ عبيد الله ٻگھيو جي وچ ۾  مقابلو ڪرايو ويو، جنھن دوران گل ڏاھري پاران پھلوان عبيد الله ٻگھيو ۽ غلام حيدر ڏاھري پاران پھلوان رياض لاشاري جي مٿان ڏھه ھزار رپيا روڪ انعام طور رکيو ويو. پھلوانن رياض لاشاري ۽ پھلوان عبيد الله ٻگھيو ۾ شاندار مقابلو ٿيو جيڪو ھڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيو. ٻنهي ملهه پهلوانن پاران جانٺا، اندريون، ٻاهريون، ٻلهڻ، قينچيون ۽ ٻيا وارا ڪيا ويا پر شاندار مقابلي کانپوءِ ٻنهي پھلوانن مان ڪوبه ملهه نه ماري سگهيو ۽ مقابلو برابر ٿي ويو. ٻنهي پھلوانن کي يونين ڪائونسل ڪھڪاٽ جي چيئرمين قادر بخش عرف پپو ڏاھري پاران روڪ رقم انعام طور ڏنا ويا.