منھڙو(ن پ ا) تعلقي مورو جي يوسي لنڊڪي جي ڳوٺ ٨ سومروخان  چانڊيو جو پرائمري اسڪول زبون حالي جو شڪار ٿي ويو، ڇت جا چاپڙ ڪرڻ لڳا، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت عمارت جي مرمت ڪري رهيا هئا ته ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن سبب ڳوٺاڻو عبدالهادي چانڊيو زخمي ٿي پيو، سندس ڄنگهه ڀڄي پئي، ٻي طرف ڳوٺاڻن استاد وسيم لنڊ،قلندربخش چانڊيو  ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي وئي آهي، ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي.