ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارا راکي ساونت جي مڙس عادل دراني اقرار ڪيو ته بالي ووڊ اسٽار سلمان خان مونکي ڪال ڪئي ۽ راکي سان ٿيندڙ شاديءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ چيو آهي. گذريل هفتي خبر اڳيان آئي هئي ته راکي ساونت عادل دراني سان ٻي شادي ڪري ورتي آهي، جڏهن ته هن اسلام قبول ڪري نالو به فاطمه رکي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان پاڻ راکي به تصديق ڪئي پر هن جي ٻئي مڙس لاڳيتو شادي کان انڪار ڪندو رهيو، ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن نڪاح جي تصويرن ۽ وڊيو کي به جعلي قرار ڏنو. هاڻي پاڻ راکي ساونت پنهنجي مڙس سان گڏ اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته هن جي مڙس عادل دراني کي بالي ووڊ اسٽار سلمان خان فون ڪيو، جنهن کانپوءِ عادل هن سان ڪيل نڪاح تسليم ڪيو ۽ شاديءَ جو اقرار ڪيو.