منهنجي پيدائش وقت والد والده تي تشدد ڪيو هو: فضا علي

0
255

منهنجي پيدائش وقت

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا فضا علي پنهنجي والد بابت ڳالهايل ڪوڙ جو اعتراف ڪندي هن کان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي. نجي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ فضا علي اعتراف ڪيو ته مان مختلف جائين تي والد بابت مختلف ڳالهيون ڪيون پر سچو اهو آهي ته مونکي والد جي خبر ئي نه آهي ته اهو زنده آهي به يا نه

مونکي صرف ايتري خبر آهي ته جڏهن مان پنهنجي والده جي پيٽ ۾ هيس ته والده منهنجي والد کي ايترو ماريو هو جو هن جا 2 ڏند ماس ۾ هليا ويا هئا ۽ رت ڏاڪڻ تي وهي رهيو هو جنهن کانپوءِ پاڙيوارن والده کي اسپتال وٺي ويا هئا. اداڪارا ٻڌايو ته والد ذميوارين کان ڀڄندو هو، ڪاوڙ وارو هو، لالچي به هو، والد جو خاندان سٺو هو پر والد کي ڪمائڻ جو شوق نه هو

امي ان وقت ميڪي طرفان ڪافي امير هئي ته ابو امي وٽ پئسن لاءِ ايندو هو، اسان کي اها سڄي خبر هئي تنهن ڪري منهنجي دل تان والد تڏهن ئي لهي ويو هو