ڪراچي: تحريڪ انصاف جي ايم پي ايز دعا ڀٽو سان پيش آيل معاملي تي سخت احتجاج ڪيو، دعا ڀٽو پاڻ به سخت  تقرير ڪئي. سرڪاري بينچن مان جواب اچڻ تي ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو،اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهايو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ  خرم شير زمان دعا ڀٽو  بابت جڙيل ڪاميٽي تي سوال اٿاريندي  چيو ته ڪاميٽي جو ڇا ٿيو؟  پي ٽي آءِ جي دعا ڀٽو تقرير ۾ چيو ته سنڌ ۾ پوتي کي عزت ۽ مان ملي ٿو پر اسيمبلي ۾ منهنجي پوتي کي لاٿو ويو، جن منهنجي هٿ کي پڪڙيو، رئو لاٿو، انهن کي شرم ناهي ان منهنجو نه پر بختاور ۽ فاطمه جو هٿ پڪڙيو. اسپيڪر دعا کي پ پ قيادت خلاف ڳالهائڻ کان روڪيو پر هوءَ نه مڙي، هن وڌيڪ چيو ته اوهان کي بجيٽ جي ڪتابن تي اجرڪ ڇاپڻ جو ڪو حق ناهي، بعد ۾ اسپيڪر دعا ڀٽو جو مائيڪ بند ڪري ڪلثوم چانڊيو کي تقرير ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي پ پ جي مڪيش چاولا اعتراض ڪندي چيو ته جڏهن دعا جي  مڙس حليم عادل اسان جي عورتن خلاف ڳالهايو پئي ،تڏهن کين شرم نٿي آيو. انهي دوران پي ٽي آءِ جي فردوس شميم نقوي به دعا ڀٽو جي حق ۾ بيهي چيو ته ته دعا قيادت خلاف ناهي ڳالهايو، هن بختاور جو مثال ڏنو آهي جنهن تي مڪيش ڪمار ۽ فردوس شميم ۾ منهن ماري ٿي ۽ ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. مڪيش ڪمار چيو ته چپ ڪريو، اوهان بڪواس ٿا ڪريو. اوهان سڀ تقرير ڪندا، پ پ ايم پي اي  ڪلثوم چانڊيو جي تقرير دوران اپوزيشن جي نعريبازي جاري رهي، ا هي  ڊيسڪون وڄائيندا رهيا. ڪلثوم چانڊيو دعا ڀٽو کي جواب ڏيندي چيو ته اجرڪ تي درس ڏيندڙ دعا اسان کي اهو ٻڌائي ته اها هڪ چينل تي ڊانس ڪندي هئي،  اڄ اوهان جو رئو لٿو ته ڇا ٿيو؟  هي جيڪو ماحول ڏسجي ٿو ،اهو اسيمبلي جو ناهي،