ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ متحده جي پارلياماني ليڊر ڪنور نويد جميل ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته جنرل يحييٰ خان ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پر منهنجي والد مخالفت ڪئي،  هن چيو ته ڪي فور رٿا اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي، اڳ ۾ اها ڪي فور 650 ايم جي ڊي جي رٿا هئي، جنهن کي گهٽائي 256 ايم جي ڊي ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت انهي رٿا لاءِ  واڌو پاڻي نه ڏنو، هن چيو ته 1986 کان ڪراچي جو پاڻي وڌايو ناهي ويو.