منهنجي شادي جون خبرون سئو سيڪڙو ڪوڙيون آهن: نيلم منير

0
474
منهنجي شادي جون خبرون

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا نيلم منير پنهنجي مڱڻي ۽ شادي جي خبرن تي وضاحت ڪندي مداحن کي اپيل ڪئي آهي ته هو انٽرنيٽ تي پکڙجندڙ خبرن تي يقين نه ڪن

نيلم منير انسٽاگرام اسٽوري ۾ مداحن سان مخاطب ٿيندي چيو ته سندس مڱڻي ۽ شادي جي حوالي سان پکڙجندڙ خبرون 100 سيڪڙو ڪوڙيون آهن، انهن تي يقين نه ڪيو وڃي. اداڪارا واضح ڪيو ته مان نه مڱڻي ڪئي آهي ۽ نه ئي شادي ڪئي آهي. هن مداحن کي اپيل ڪئي ته هو ڪوڙين خبرن تي يقين نه ڪن مان اڃا تائين شادي ناهي ڪئي

نيلم منير ذڪر ڪيل وضاحت اهڙي وقت ۾ ڪئي آهي، جڏهن تازو ئي سوشل ميڊيا جي ڪجهه پيجن ۽ يوٽيوب تي هڪ ڀيرو ٻيهر سندس شادي جون خبرون پکڙيون. نيلم منير جي پراڻي تصوير کي شيئر ڪري دعويٰ ڪئي پئي وئي ته هن نئين زندگي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي