منهنجي زال کي عامر خان ۽ سنجي دت جي اداڪاري پسند آهي: شاهه رخ

0
308

منهنجي زال کي عامر خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي هڪ پراڻي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو ته هن جي گهر واري گوري خان کي سنجي دت ۽ عامر خان جي اداڪاري وڌيڪ پسند آهي

اها وڊيو ڪلپ ڀارت جي مشهور صحافي رجت شرما جي پروگرام “آپ ڪي عدالت” تان ورتي وئي آهي جنهن ۾ موجود ماڻهو شاهه رخ کان دلچسپ سوال پڇي رهيا آهن جڏهن ته ميزبان پاڻ به اداڪار کان سوال ڪيا

رجت شرما شاهه رخ کي چيو ته مان هڪ جاءِ تي اوهان جي گهر واريءَ جو بيان پڙهيو هو، هن چيو هو ته هن کي اوهان کان وڌيڪ سنجي ۽ عامر جي اداڪاري پسند آهي

 شاهه رخ مسڪرائيندي رجت شرما جي ڳالهه سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته منهنجي گهر واري کي سنجي دت ۽ عامر خان جي اداڪاري وڌيڪ پسند آهي، اها سمجهندي آهي ته مان اوور ايڪٽنگ ڪندو آهيان، تمام گهڻو هٿ پير هلائيندو آهيان