ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي خوبصورت اداڪار بلال عباس انڪساف ڪندي ٻڌايو آهي ته منهنجو پهريون پيار منهنجي ٽيچر هئي. بلال عباس هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي ان دوران هن مختلف سوالن جا جواب پڻ ڏنا هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڀ اهو ئي چوندا آهن ۽ آئون به اهو ئي چوان ٿو ته منهنجو پهريون پيار منهنجي ٽيچر هئي. هن چيو ته مون اداڪاري جي شروعات 21 سالن جي عمر ۾ ڪئي هئي جڏهن ته پهرين پراجيڪٽ تي 27 سئو رپيا ڏهاڙي طئي ڪئي وئي