اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ بجيٽ بحث دوران گوڙ، تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيف الله ابڙو جي تقرير تي پ پ جو احتجاج، واڪ آئوٽ، سيف الله ابڙو چيو آهي ته منهنجو لاڙڪاڻو تباهه ٿي ويو، مون سان ظلم ٿي ويو، مان ڪاڏي وڃان، منهنجو پيرس لاڙڪاڻو گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي، بجيٽ ڪاڏي وئي؟ سينيٽ جي اجلاس ۾ بجيٽ تي تقرير ڪندي پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته بينظير انم سپورٽ پروگرام ۾ 8 لک جعلي ماڻهو شامل ڪيا ويا هئا، جنهن جو ڪريڊٽ پيپلزپارٽي وٺندي آهي ته پوءِ جعلي 8 لک ماڻهو شامل ڪرڻ جو ڪريڊٽ به پيپلز پارٽي کي وٺڻ گهرجي، لاڙڪاڻي ۾ 22 سئو ماڻهو ايڊز ۾ مبتلا آهن، بينظير ڀٽو هئي ته لاڙڪاڻي ۾ ايڊز نه هو، پ پ جي موجوده قيادت آئي ته لاڙڪاڻي ۾ ايڊز اچي وئي، مون سان ظلم ٿيو آهي، منهنجو لاڙڪاڻو تباهه ٿي ويو آهي مان ڪيڏانهن وڃان؟ منهنجو پيرس لاڙڪاڻو گندگي جو ڍير بڻجي ويو، منهنجي لاڙڪاڻي جي بجيٽ ڪاڏي وئي، لاڙڪاڻي جي بجيٽ انور پيلس ۽ راول پيلس ۾ وڃي رهي آهي، لاڙڪاڻي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو گهر المرتضيٰ هائوس آهي، ان جو حال ڏٺو وڃي، سنڌ سڙي رهي آهي، لاڙڪاڻي کي پيرس نه سمجهيو وڃي اهو گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي، سيف الله ابڙو جي تقرير تي پيپلز پارٽي جي ميمبرن شديد احتجاج ڪيو، ان دوران ميمبرن ۾ منهن ناري به ٿي، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي جا ميمبر اهڙي تقرير خلاف واڪ آئوٽ به ڪيو، پيپلزپارٽي جي پلواشا خان چيو ته توهان جي گورنر جا ڪتا لينڊ ڪروزر ۾ گهمندا آهن، توهان غريبن تي بجيٽ ۾ پيٽرول ليوي لڳائي آهي، توهان جو دفاع جو وزير چوي ٿو ته ملڪ ۾ غربت ڪٿي آهي، اهو مردان جي بازار ۾ نڪري ڏيکاري ته ماڻهو کيس ڏيکاريندا ته غريب ڪٿي آهن، پلواشا جي تقرير تي به حڪومتي ميمبرن سخت گوڙ ڪيو. سيف الله ابڙو سوال ڪندي چيو ته شرجيل ميمڻ وٽ ڇا ڀٽو کان به وڌيڪ پيسو هو، بلاول ڀٽو عمران خان کي گڏهن جي تعداد ۾ واڌاري جو ڪريڊٽ ڏنو، اهو ڪريڊٽ واقعي عمران خان کي وڃي ٿو ته هن ماڻهن کي ٻڌايو ته گڏهه ڪير آهي ۽ گهوڙو ڪير آهي؟ سنڌ ۾ ڪتا احتجاج ڪري رهيا آهن ته کين کسي ڪرڻ لاءِ 92 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا، اهي ڪاڏي ويا؟ سيف الله ابڙو جي تقرير تي پ پ جي ايني مري، شيري رحمان سيٽن تي بيهي احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سوال ڪيو ته ڇا هي بجيٽ تي تقرير ٿي رهي آهي؟ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني چيو ته ميمبر کي جيڪڏهن بجيٽ بدران ڪا ٻي تقرير ڪرڻي آهي ته اسان واڪ آئوٽ ڪري وڃون ٿا، سينيٽ چيئرمين سيف الله ابڙو کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان بجيٽ تي ڳالهايو، لاڙڪاڻي جي ڳالهه ڪنهن ٻئي ڏينهن تي پوائنٽ آف آرڊر تي ڪجو.