منهنجون بولڊ تصويرون دوست وائرل ڪيون هيون: ماريا واسطي

0
279

ڪراچي(شوبز نيوز) ماضيءَ جي مشهور اداڪارا ٽي وي ميزبان ماريا واسطي انڪشاف ڪيو آهي ته ماضي ۾ انٽرنيٽ تي وائرل ٿيڻ واري سندس بولڊ ڪپڙن جون تصويرون هن جي ئي هڪ دوست ليڪ ڪيون هيون

ماضيءَ ۾ ماريا واسطي جي سهيلي سان گڏ پرڏيهي ملڪ ۾ سمنڊ ڪناري جون بولڊ تصويرون وائرل ٿي ويون هيون جن تي مٿس ڇتي تنقيد ڪئي وئي هئي. تازو ماريا واسطي انٽرويو ڏيندي بولڊ تصويرن جي اسڪينڊل تي کلي ڪري ڳالهايو

اداڪارا فيمنزم تي به ڳالهايو ۽ چيو ته جنهن جو جسم آهي ان جي مرضي هلڻ گهرجي، ڪنهن ٻئي جي جسم تي ڪنهن ٻئي جي مرضي جو حق ناهي. فيمنزم جنس کان مٿانهون ٿي سمورن متاثرن جي ڳالهه ڪندي آهي چاهي عورت هجي يا مرد هجي

Old or new? Maria Wasti's video starts another debate

اداڪارا چيو ته هندستان ۾ ڪم جي عزت ڪئي ويندي آهي، پاڪستاني پنهنجي غلطين کي تسليم ناهن ڪندا اسان کي بهتر ٿيڻ جي ضرورت آهي. اداڪارا ماضي جي ڳالهه ڪندي چيو ته وائرل ٿيل تصويرون سندس دوست ليڪ ڪيون جيڪي هن نجي ايلبم ۾ محفوظ ڪيون هيون

هي به پڙهندا

دوستي ٽٽڻ تي مرد ڇوڪريءَ کي نقصان پهچائي سگهي ٿو: نورا فتيحي

چپ ويهنداسين، اوهان جي سوچ آهي: عادل راجا جي الزامن تي اداڪارائن جو شديد رد عمل