ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي اڳوڻي ڊي جي منظور قادر ڪاڪا  ڏيهه موٽڻ جو ارادو ڪري ورتو، ان ڏس ۾ منظور ڪاڪا سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ 2 درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون آھن، سنڌ ھاءِ ڪورٽ منظور ڪاڪا جو اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي گھرو وزارت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن، جڏھن ته منظور ڪاڪا جي سندس خلاف داخل ڪيسن  ۽  انڪوائريز بابت داخل ٻي درخواست تي عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري، گھروکاتي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن، عدالت منظور ڪاڪا جي ٻنھي درخواستن تي 13 آڪٽوبر تائين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آھي، واضح رهي ته  منظور قادر ڪاڪا تي اختيارن جي ناجائز استعمال۽ غير قانوني اثاثن جا الزام آھن، منظور ڪاڪا جو نالو اي سي ايل ۾ پڻ شامل آھي