ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته 2018ع ۾ جن اليڪشن کٽي  اھي پريشان آھن ۽ جن اليڪشن کٽرائي اھي انھن کان وڌيڪ پريشان آھن ـ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن کٽڻ ۽ ھارائڻ کي ٻن ٽڪن جو به نٿي سمجھي ـ اليڪشن وڙھڻ منزل ناھي ـ منصفاڻي اليڪشن نه ٿي ته ايم ڪيو ايم اليڪشن نه وڙھندي ـ نه ته ايم ڪيو ايم انھي ۾ نه ھوندي ۽ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم نه ھوندي ته اليڪشن به نه ٿيندي ـ ڪالھ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ھن چيو ته فيصلو ڪراچي جي عوام کي ڪرڻو آھي ته اليڪشن ٿئي يا نه ٿئي ـ اھو فيصلو وفاق يا ڪنهن اداري کي ناھي ڪرڻو ـ اسين چونداسين ته اليڪشن ٿيندي نه ته نه ٿيندي ـ ھن چيو ته شفاف اليڪشن ٿي ته مھاجر قوم کي ھارائي نٿو سگھجي ـ سپريم ڪورٽ اڄ تائين اھو فيصلو ناھي ڪري سگهي ته مردم شماري صحيح ٿي آھي يا غلط ٿي آھي آھيون ـ ھن قوم سان مردم شماري ۾ ناانصافي ٿي آھي ـ غلط تڪ بنديون ڪندڙن جي نڙي ۾ اھي تڪ بنديون اٽڪي پونديون۔ ان موقعي تي وسيم اختر ـ خواجا اظھار الحسن ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو