ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ بازيدپور جا رهواسي منشيات وڪري خلاف روڊن تي نڪري آيا، ڳوٺاڻن عريزالله مڱريو، مسعود مڱريو، طفيل مڱريو، سجاد مڱريو، سليمان مڱريو، انعام الله مڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانيهندي چيو ته ڳوٺ ۾ چرس، آفيم، شراب سميت ٻئي منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي پر پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڳوٺ ۾ منشيات وڪرو بند ڪرائي نوجوان نسل کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.