منال خان ۽ احسن جي شادي ڪارڊ واري تصوير وائرل

0
467

لاهور:(شوبز نيوز) تازو ئي مڱڻي ڪندڙ اداڪار جوڙي منال خان ۽ احسن محسن اڪرام جي شادي ڪارڊ جي تصوير وائرل ٿي رهي آهي.اداڪاره منال خان شادي ڪارڊ جي تصوير انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪارڊ جي مٿان منال ۽ احسن جو نالو انگريزي ۾ لکيل آهي. منال خان پوسٽ ۾ پنهنجي ٿيندڙ مڙس احسن محسن کي به ٽيگ ڪيو. جڏهن ته ڪيپشن ۾ لکيو ته اوهان کي به گهرايو پيو وڃي.اداڪاره جي پوسٽ تي مداحن سميت پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور شخصيتن کين مبارڪباد پيش ڪئي آهي. ڪارڊ جي اها تصوير احسن محسن به پنهنجي انسٽاگرام تي پوسٽ ڪئي آهي جنهن جي ڪيپشن ۾ منال کي مخاطب ٿيندي لکيو آهي ته هاڻ کان منهنجو دل هميشه لاءِ اوهان سان جڙيل آهي.ياد رهي ته منال خان ۽ احسن محسن جي مڱڻي تازو ئي ٿي آهي ٻنهي 2017 ۾ ڊرامه سيريل پرڇائي ۾ گڏجي ڪم ڪيو هو.