ممڪن آهي ته طالبان افغانستان تي قبضو ڪندا: آمريڪا

0
190

ڪراچي(م ڊ) آمريڪي دفاع واري وزير جنرل لائڊ آسٽن ۽ جوائنٽ چيف آف اسٽاد جنرل مارڪ ملي جو چوڻ آهي ته ممڪن آهي طالبان افغانستان تي قبضو ڪري ڇڏيندا، امريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته هي به ٿي سگهي ٿو ته ڳالهين سان افغانستان جو سياسي حل نڪري اچي، هنن چيو ته افغانستان جي هوائي نگراني جاري رهندي، مقصد هي آهي ته افغانستان کان شدت پسندي ۽ تشدد نه پکيڙجي، ميڊيا رپورٽ موجب بريفنگ ۾ هنن چيو آهي ته ڪابل کان ٻاهر افغانستان ۾ موجود سمورن امريڪي اڏن کي افغان جي دفاع واري کاتي حوالي ڪيو ويو آهي، امريڪا وٽ هوائي حملا ڪرڻ جي صلاحيت موجود رهندي.