ممنوعه فنڊنگ ڪيس جا ملڪي سياست ۽ معيشت تي اثر

0
168
ڪاليج ايجوڪيشن ڊيپارٽمينٽ، پروفيسر، بايو ميٽرڪ ۽ مرڪزي داخلا پاليسي

   خدا خدا ڪري 21  جون تي محفوظ ڪيل ممنوعه الائي فارين فنڊنگ ڪيس بابت فيصلو اليڪشن ڪميشن، عمران خان ۽ سندس کلاڙين جي خوفناڪ ڌمڪين، غليظ زبان جي استعمال ۽ بيجا هاءِ گھوڙا جي باوجود نيٺ 2  آگسٽ تي ٻڌائي ڇڏيو. فيصلي مطابق ثابت ٿي چڪو ته قانوني طرح بندش پيل غير ملڪي ذريعن کان 5122218  ڊالر، 92265 پائونڊ ۽ مختلف ملڪن جي ڪرنسي ۾ ڪل ملائي لڳ ڀڳ 150 ڪروڙ جيتري رقم صرف 2008ع  کان 2013ع  وارن پنجن سالن دؤران ورتي ويئي. ڊونرس ۾ 34 غير ملڪي، 351 غير ملڪي ڪمپنيون ۽ 16 خفيه اڪائونٽس به شامل آھن. عمران خان لاڳيتو پنج سال ڪوڙا سرٽيفڪيٽ جاري ڪندو رهيو ۽ پوليٽيڪل آرڊر توڙي ملڪي آئين جي آرٽيڪل 17 جي شق 3 جي واضح ڀڃڪڙي به ڪندو رهيو. اهو معاملو اڃا وڏي عرصي تائين ڌرين ۽ عدالتي ايوانن ۾ لاڳيتي جنگ مان گذري نيٺ جڏهن پنهنجي منطقي انجام تي پهچندو تڏهن ڪيترن ئي خود ساخته امانتدارن ۽ انصاف پسندن جو اصلي چھرو پاڻھي ظاهر ٿيندو جنهن جا آثار فيصلي اچڻ کان ترت پوءِ واري بد حواسي جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيا آھن. اصل حقيقت ان کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي ڇو ته اهو عرصوصرف 2013ع تائين جي 5  سالن جو آھي، ان کان پوءِ پي ٽي آءِ  خيبر پختونخوا ۾ 9 سال ۽ وفاق ۾ ساڍا ٽي سال اقتدار ۾ رهي آھي. هاڻي جڏهن سرڪار جو سرندو چرندو ته ڪجھه وڌيڪ رت گهرندو.

فيصلي اچڻ سان ملڪي سياست، معيشت ۽ سڄي وايو منڊل ۾ تمام وڏي تبديلي اچي ويئي آھي. جتي پي ٽي آءِ وارن جون وايون بتال آھن اتي مهانگائي ۽ اندروني دٻاءَ ۾ ڦاٿل اتحادي حڪومت توڙي سياسي اتحاد پي ڊي ايم وارا صفا مڙس ماڻھو ٿي ويا آھن. لاڳيتين گڏجاڻين ۽ نواز شريف جي آن لائين شرڪت سان سڀني ميمبر پارٽين پروپئگينڊا ۽ غلط بياني جي بادشاھه  جي معجزاتي طور ڦاسڻ کان پوءِ  تمام سخت مؤقف اختيار ڪندي ڄڻ ته  طئي ڪري ڇڏيو آھي ته جماعت تي پابندي مڙھڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويندو.آرٽيڪل 62(1) ايف مطابق عمران جي نااهلي بابت به عدالت سان نيٺ رجوع ڪيو ويندو. ٿيو به ايئن، خميس ڏينهن وفاقي ڪابينه پي ٽي آءِ تي پابندي  مڙھڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ڊڪليريشن موڪلڻ، فارين فنڊنگ ۽ ڳجهي رکيل اڪائونٽس جي جانچ ايف آءِ اي کان ڪرائڻ لاءِ اصولي فيصلو، پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002ع جي آرٽيڪل 2، 6، 15۽ 17 تحت ڪيوآھي. نظريه ضرورت کي پاسيرو رکي اليڪشن ڪميشن جي با ڪردار، دلير ۽ قابل چيئرمين اهو فيصلو ڏئي ڇڏيو آھي جيڪو نومبر 2014ع کان ڪنهن مردِ ميدان جي انتظار ۾ ھو. سڪندر سلطان راجا ۾ جتي پنهنجي نالي جي ٽنهي لفظن وارا گڻ موجود آھن اتي پي ٽي آءِ جي باني ميمبر اڪبر شير بابر ۾ به نالي جي ٽنهي حصن واريون خاصيتون نظر اچن ٿيون. ٻنهي حضرات جي صبر، برداشت، بهادري ۽ استقامت کي سلام هجي. ان ماحول ۾ منهن لٿل فواد ۽ فرخ جنهن مهل مصنوعي دليري واريون ٻٽاڪون هڻڻ لاءِ ھر وقت حاضر اليڪٽرانڪ ميڊيا جي سامهون ايندا آھن ته پڪ ٿي ويندي آھي ته“ تم اتنا جو مسڪرا رهي هو، ڪيا غم هي جس ڪو ڇپا رهي هو.” سياست، عدالت، اليڪشن ڪميشن، قانوندان، ميڊيا ۽ عوام سڀ هڪدم مصروف ٿي ويا آھن. انهي ماحول ۾ اچو ته جائزو وٺون ته لاڏلي جي لوڌجڻ جي نمايان آثارن جي حامل فيصلي کان پوءِ ملڪ ۾ موجود مايوسي، مهانگائي، معاشي بحران، ڊالر ۽ تيل جي قيمتن جي اوچي اڏام ۾ اوچتي لاٿ ۽ غضب جي بي يقيني جي ملڪي صورتحال تي ڪهڙو اثر پوندو.

1.سڀ کان اولين ۽ خوش ڪندڙ اثر ڊالر جي قيمت تي پيو آھي جيڪو هن هفتي سومر تي 250 ۾ به ڳوليو نٿي لڌو سو ٻه ڏينهن پوءِ اربعا ڏينهن تي، هڪ ڌڪ ۾ ساڍا يارهن روپيه ڪري پيو جتي پوءِ  وري خريدار ڳولئي نٿي لڌو. تنهن کان پوءِ ٻن ڏينهن بعد يعني جمعي تي ڊالرجي قيمت وڌيڪ ڪِرِي 224/225 تي اچي پهتي آھي. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار ۾ مسلسل تيزي آھي. ڊالر جي  قيمت ۾ ايڏي وڏي گهٽتائي جا ڪجھه ٻيا سبب به آھن. مثال طور آرمي چيف جو آمريڪي ڊپٽي سيڪريٽري آف اسٽيٽ وينڊي شرمن سان آءِ ايم ايف کان تڪڙو تعاون وٺرائي ڏيڻ لاءِ ڪيل ٽيليفون، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گھٽتائي ۽ اسٽيٽ بينڪ طرفان کنيل ريگيوليٽري قدم به شامل آھن. ساڳئي وقت اسٽاڪ ايڪسچينج جي شيئر انڊيڪس ۾ پڻ ساڳئي ڏينهن 877 پوائنٽس جي واڌ آئي ۽ اهو رجحان اڃا تائين قائم آھي. پران خوشخبري جي خبرن جو اصل سبب عمران خان جي پارٽي خلاف اليڪشن ڪميشن جو فيصلو به بنيوآھي. ان جو مطلب ته بين الاقوامي حڪومتون، مالياتي ادارا ۽ مارڪيٽ پليئرس عمراني اقتصاديات يا عمراني عادات کي ڀروسي جوڳو نٿا سمجهن. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا.  عارف نقوي نه صرف چرٻ زباني ذريعي عرب سڳورن،آمريڪين ، برطانوي گورن ۽ مغربي دنيا کان ڪروڙين ڊالر حاصل ڪري ڌوڪو ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو پر ڏاهو ڪانگ نيٺ ٻه ٽنگو ڦاٿو به سهي.  هاڻي برطانيه ۾ قيد آھي ۽ آمريڪا ۾ ممڪنه 291 سال جيل جي سزا پڻ سندس منتظر آھي. عمران خان  به ساڳي برٽش سوسائٽي جي گولڊ سمٿ ۽ راٿ چائلڊ خاندانن تائين رسائي حاصل ڪري،سڄي پاڪ ٽيم جي کٽيل ورلڊ ڪپ کي پنهنجي شھرت ۽ جيجل ماءَ جي نالي ۾ ڦٻائي خيراتي اداري جي نالي تي ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب جي ويس ۾ عياشي جون محفلون مچائي، امير زادن کان پائونڊ ۽ ڊالر ڦري پنهنجي پارٽي لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هاڻي وري شايد عارف نقوي وانگر جيلن ۽ سزائن جو وقت اچڻ وارو آهي.

  1. ڊالر اڃا به ڪمزور ٿيندو. آءِ ايم ايف وٽان به لڳ ڀڳ سوا ارب ڊالر هن ئي مهيني ملڻ جي اميد ( آءِ ايم ايف جي ويجهڙائي واري بيان کان پوءِ،جنهن ۾ تسليم ڪيو ويو ته پاڪستان سڀ پيشگي شرط پورا ڪري فرمانبرداري جو ثبوت ڏئي چڪو آھي) پيدا ٿي ويئي آھي. دوست ملڪن به يقين ڏياريوآھي ته 4 ارب کن ڊالرمهيا ڪري ڏيندا. دنيا جي مارڪيٽن ۾ ٻاڙائي سبب تيل به وڌيڪ سستو ٿيندو پيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي مرڻينگ معيشت کي ٻن رخن يعني ڊالر ۽ تيل جي گهٽجندڙ قيمتن مان گهڻو فائدو ٿيندو. مهانگائي گهٽبي، تيل ۽ گيس به سستا ٿيندا. ان سان سڄي ملڪ ۾ اتحادي حڪومت تي هر شخص ۽ ادارو ڀروسو ڪرڻ لڳندو ته واقعي به ملڪ جون واڳون لائق ۽ اهل حڪومت وٽ آھن جيڪا پاڻ تي تنقيد برداشت ڪري به مشڪل فيصلا ڪري سگهي ٿي شايد کين ملڪي مفاد عزيز آھي. اميد پيدا ٿي پئي آھي ته بي لغام ۽ برباد معيشت سڌاري طرف ويندي ۽ استحڪام حاصل ڪندي.

3.شيخ رشيد جن چونڊن ۽ ڪوڏي ڪوڏي ميچن بابت  گذريل ٽن مهينن جي عرصي ۾ پنجاھه کن ڪوڙيون پيشنگوئيون ڪري چڪو آھي ته  چونڊون ايندڙ آڪٽوبرتائين هر حال ۾  ٿينديون به  ۽ اقتدار سان به کين ئي فيض ياب ڪنديون پر هاڻي اهي پنهنجي وقت تي يا حڪومت جي مرضي سان ٿينديون. عمران خان ۽ سندس جماعت هاڻي نه ته لانگ مارچ ۽ ڌرڻا هڻڻ جي پوزيشن ۾ ھوندا نه ئي پنهنجي مرضي مڙھڻ جي قوت رکندا هوندا. ان جي ابتڙ عدالتي ڪيسن، انڪوائرين ۽ جيلن ۾ ھوندي رڳو پنهنجي کل بچائڻ ۾ پورا هوندا. 4. ايم ڪيو ايم ۽ باپ جهڙيون کِسڪڻيون پارٽيون به ڪا ٻي واھ نه ڏسي ساٿ ڇڏڻ جي غلطي به نه ڪري سگهنديون. موجوده حڪومت وٽ معمولي اڪثريت هوندي به هاڻي خطري کان ٻاهر لڳي ٿي. پي ٽي آءِ جي 11  ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ کان پوءِ ايترن ٻين کي ڪنهن به وقت قربان ڪرڻ سان هائوس جو حقيقي تعداد گهٽ ٿي  ويندو ان ڪري هاڻي خان صاحب کي استعيفا ڏيڻ واري فاش غلطي جو احساس ضرور ستائيندو هوندو.

  1. چونڊن جو پنهنجي وقت تي ٿيڻ جا الاهي ٻيا فائدا به آھن. سڀ کان پهريائين ته حڪومت طرفان ڪيل معاشي فيصلن ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدي جي بحالي جا عملي فائدا چئن ڇهن مهينن کان پوءِ ظاهر ٿيندا ۽ سندن وڃايل سياسي ساک بحال ٿيڻ جا روشن امڪان ۽ ان جا فائدا عوام کي نظر اچڻ لڳندا. ٻي ڳالھه ته ِشيدن، ٽَليِن ۽ کلاڙين کي اليڪشن جي تڪڙ رڳو نومبر واري اهم مقرري پنهنجي مرضي مطابق ڪرڻ خاطر هئي جنهن سبب اها سڄي هيجاني ڪيفيت پيدا ڪري اهڙو نامناسب لهجو اختيار ڪيو ويو. جڏهن چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون ته ان وقت تائين نومبر واري مقرري شھباز صاحب هٿان ٿي چڪي هوندي ۽  اهو به ته لاڏلي وارو هٺ به باقي نه بچيو هوندو. لاڏلي جي سوچ مطابق وزير اعظم ٿيڻ صرف ووٽن ڪرڪيٽ واري ڪپتان جو ئي حق آھي ڇو ته ٻيا سڀ ته آھن ئي چور !! ڪميشن جي ان فيصلي سان چڱي ڳالھه اها ٿي آھي ته هاڻي سڀ ساڳي قطار ۾ اچي ويا آھن.“ايڪ هي صف ۾ کڙي هو گئي محمود و اياز” نتيجي ۾ سياست  گفتگو ۽ ميڊيا ۾ جيڪا باھه پئي ٻري ان ۾ ڪجھه گھٽتائي ايندي ۽ پوليٽيڪل پولرائيزيشن ۾ ماٺار ايندي نه ته اها بدتميزي حرمين تائين وڃي پهتي هئي جتي شڪر ٿيو گستاخِ رسول کلاڙين کي اٺن ۽ 10 سالن جون سزائون به ٿي ويون آھن. هاڻي وڃن نه خان صاحب ۽ شيخ صاحب جهڙا ڀڙڪائيندڙ ۽ وڃي جيل ڀوڳين! هروڀرو نوجوانن کي گمراھه ڪري سندن ٻئي جهان برباد ڪري ڇڏيائون.
  2. سپريم ڪورٽ ۾ جيڪڏهن ريفرنس واقعي به داخل ٿئي ٿو ته عدالتن جي موجوده رجحان ۽ ڪجھه سياسي مصلحتن خاطر شايد جماعت کي ڪالعدم قرار ڏئي پابندي نه لڳائي وڃي پر پنجن سالن تائين پارٽي فنڊن بابت ڪوڙا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ سبب عمران خان کي آئين جي آرٽيڪل 62(1) ايف جي نرغي ۾ آڻڻو پوندو ڇاڪاڻ ته انهي شق هيٺ نواز شريف ۽ جهانگير ترين سميت ڪيترا سياستدان انهي ساڳي عدالت جي پرهيزگار جج صاحبان جي انصاف جو موت جهڙو ذائقو چکي چڪا آھن. ان ڪري ڪا ٽن ميمبرن واري بينچ به شايد هاڻي بچائي نه سگهي ۽ خان صاحب جي نا اهلي ته يقيني لڳي ٿي. مٿان وري ڪجھه حڪومتي ميمبرن اليڪشن ڪميشن ۾ توشه خانه جا تحفا تڳائي گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪرڻ تي غلط بياني جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آھي جنهن جو نتيجو فيصل واوڊا جي ڪيس جهڙو به ٿي سگهي ٿو.
  3. عمران پڄاڻا هن پارٽي جو حال ميسوليني جي فاشسٽ، هٽلر جي نازي ۽ الطاف جي پارٽين جهڙو به ٿي سگهي ٿو ڇو ته ون مين شو ۽ خود پسندي جي روش رکندڙ جماعتن ۾ ڪنهن به ٻئي اڳواڻ کي اڀري اڳيان اچڻ جي اجازت ئي نه هوندي آھي. ان کان پوءِ اهي پير ۽ سابق جنرل جا اولاد اسد عمرَ يا حماد اظھَر هڪ ٻئي کي برداشت ئي نه ڪندا آھن. باقي بچيا فواد چوڌري، شيخ صاحب ۽ ٻيا ڦڙڪيون هڻندڙ ته اهي رڳو ڪانون ۽ ڪٻرن وانگر گوڙ شور ڪرڻ لاءِ ھئا سو پي ٽي آءِ جهڙي “شفاف” جماعت جي اڳواڻي ڪيئن ڪندا جنهن منصب لاءِ صرف ڪو“”صادق ۽ امين” خواهش ڪري سگهي ٿو؟ تنهن ڪري مبصر لڳ ڀڳ يقين سان اها اڳڪٿي ڪري رهيا آھن ته پي ٽي آءِ 2023ع جي چونڊن ۾ ھڪ ڇڙوڇڙ پارٽي هوندي جنهن مان سڀ موسمي پکي پرواز ڪري ڪنهن مٺي پاڻي جي ڍنڍ ڏانهن قصد ڪري چڪا هوندا.

هاڻي جڏهن پي ٽي آء FOREIGN AIDED PARTY  پارٽي قرار ڏني ويئي آھي ته ڇا سڀ سياسي ڌريون, اسٽيبلشمينٽ, عدليه ۽ رياست جا سڀ اسٽيڪ هولڊر آخري دفعوملي هڪٻئي کي معاف ڪري TRUTH COMMISSION جي پليٽفارم تان گرينڊ ڊائلاگ ڪري هن ملڪ کي به هڪ دفعو  بخش ڪرڻ لاء تيار آھن!!؟

[email protected]