مملڪتي وزير فرخ حبيب جا اليڪشن ڪميشن مٿان سنگين الزام

0
162
اهڙو سرپرائز ملندو جو

ڪراچي: مملڪتي وزير فرخ حبيب جا اليڪشن ڪميشن مٿان سنگين الزام ھنيا ويا آھن، فرخ حبيب چيو ته اليڪشن ڪميشن جو اپوزيشن ڏانهن لاڙو وڌيڪ آهي، آئيني اداري جَي سربراهه خلاف ڳالهائڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرز کي نوٽيس ڏنا ويندا آهن پر ڌانڌلي جا الزام لڳائڻ تي مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي، ڊسڪه ۾  سڄي رات جاڳي نوٽيس ورتا ويندا آهن، پر گيلاني جي پٽ جي وڊيو مامري تي اسان کي رڳو چڪر لڳرايا ويندا  آهن، ٺپا مافيا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪري رهي آهي، ان کان اڳ ريلوي واري وفاقي وزير، اعظم سواتي پڻ اليڪشن ڪميشن مٿان سنگين الزام ھنيا ھئا.