ڪراچي: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي ڊوڙ ۾ اڳوڻو چيف سيڪريٽري ممتاز شاھ، اڳوڻو سيڪريٽري علم الدين بلو ۽ پلاننگ  بورڊ جو اڳوڻو  چيئرمين محمد وسيم به شامل ٿي ويا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ چيئرمين وارو عهدو خالي پيل آهي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري ممتاز شاھ ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سميت ٻين اهم عهدن تي رهندڙ علم الدين بلو ڪميشن جي چيئرمين جي مقرري واري صف ۾ شامل هئا. هاڻ وري پلاننگ جو اڳوڻو چيئرمين محمد وسيم به ان ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو آهي، ڄاڻ ملي آهي ته چيئرمين جي مقرري لاءِ اشتهار اچڻ شرط ٽنهي رٽائرڊ ڪامورن پاران زور آزمائي ڪئي ويندي.