اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ گذريل ٽن سالن دوران عورت خلاف ڏوهن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش،  قومي اسيمبلي ۾ لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ عورتن خلاف ڏوهن جا 63 هزار 367 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، 2019ع کان 2021ع تائين سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 987 عورتن کي قتل ڪيو ويو، عورتن سان زيادتين جا 10 هزار 517 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، ٽن سالن دوران اجتماعي زيادتي جا 643 واقعا ٿيا، عورتن تي تشدد جي 5 هزار 171 واقعن جا ڪيس داخل ٿيا،  ٽن سالن دوران غيرت جي نالي تي هڪ هزار 25 عورتن کي قتل ڪيو ويو، عورتن تي تيزاب اڇلائڻ جا 103 واقعا پيش آيا، گهرن ۾ چلها ڦاٽڻ سبب سڙڻ جا 38 واقعا ٿيا، جڏهن ته ملڪ ۾ عورتن کي اغوا ڪرڻ جا 41 هزار 513 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا.