ملڪ ۾ 23 جنوري تي بجليءَ جو بريڪ ڊائون ڪيئن ٿيو؟ شروعاتي رپورٽ جمع

0
278
حڪومت مهانگائي سٽيل عوام تي بجلي ڪيرائڻ جي تياري ڪري ڇڏي
حڪومت مهانگائي سٽيل عوام تي بجلي ڪيرائڻ جي تياري ڪري ڇڏي

اسلام آباد: 23 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ بجليءَ جو بريڪ ڊائون ڪيئن ٿيو؟ اين ٽي ڊي سي شروعاتي جاچ رپورٽ پاور ڊويزن وٽ جمع ڪرائي ڇڏي

رپورٽ موجب 23 جنوري تي صبح جو فريڪيوئنسي ۾ لاهه چاڙها پيدا ٿيا، جنهنڪري 500 ڪي وي ٽرانسميشن لائنز تي ٽرپنگ ٿي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽرپنگ جي ڪري اين ٽي ڊي سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جو سسٽم ويهي رهيو ۽ 11 هزار 356 ميگا واٽ بجلي سسٽم کان آئوٽ ٿي وئي

رپورٽ موجب بنيادي فالٽ گڊو ٽرانسميشن وٽان لائنز مان آيو، فريڪيوئنسي اوچتو وڌڻ ڪري سسٽم تي لوڊ پيو ۽ وولٽيج وڌندا رهيا

هي به پڙهندا

نيشنل گـــِرڊ ۾ خرابي سبب بجليءَ جو ملڪگير بريڪ ڊائون، توانائي جي وزير رات 10 وڳي تائين جي ڊيڊلائين

وزيراعظم بجلي جي بريڪ ڊائون واري معاملي تي قوم کان معذرت ڪري ڇڏي

امريڪي ڊالر بي قابو: هڪ ڏينهن ۾ 7 رپيا مهانگو ٿي ويو