اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 41 ماڻهو فوت، حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 14 هزار 256 کان وڌي ويو، وائرس جا 4 هزار 525 نوان ڪيس رپورٽ، متاثرن جو مجموعي انگ 6 لک 59 هزار 116 ٿي ويو، ڪورونا جا 5 لک 98 هزار 197 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا، ڪورونا وائرس جِي ٽِين لهر سبب 8 سيڪڙو کان وڌيڪ مثبت شرح وارن شهرن ۽ ضلعن ۾ فوري طور هر قسم جَي ميڙاڪن تي مڪمل طور پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، اين سي او سي اجلاس دوران ڪورونا متاثر علائقن ۾  اڄ مارچ کان لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيوويو آهي، 5 اپريل کان انڊور ۽ آئوٽ ڊور شادي تقريبن تي پابندي لڳائي وئي آهي.