ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 144ڄڻا فوت، 5870نوان ڪيس رپورٽ

0
250

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ قاتل ڪورونا وڌيڪ 144ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 24ڪلاڪن دوران 5870نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب گذريل 24ڪلاڪن دوران 5870نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 144ڄڻا فوت ٿي ويا، ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 784108ٿي ويو آهي، سرڪاري انگ اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 84هزار 976 آهي، جڏهن ته 4هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، گذريل 24ڪلاڪن دوران 685ڪورونا مريض صحتياب ٿي ويا.